وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد گهر پنهنجا ۾ 2 ڏينهن اڳ قتل ڪيل ٻانهو ڪٽوهر جي  وارثن ڏانهن معززين مير حسن جکراڻي، غلام مصطفيٰ شاھ، اشرف چانڊيو، ضمير حسين سولنگي، غيب الله ٻوسڻ، نيڪ محمد ٻوسڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو ۽ پاڪ ڪتاب ساڻ ڪري پهتا.معززين جهيڙو ختم ڪري فيصلي لاءِ زور ڀريو، جنهن تي ڪٽوهر ڌر پاران ميڙ کي مان ڏئي هفتي جي مهلت گهري ۽ برادري سان صلاح مشوري بعد موٽ ڏني ويندي، ان موقعي تي معززين جو چوڻ هو ته اسان جلباڻي ڌر پاران ڪٽوهر ڌر ڏانهن ميڙ منٿ قافلو ٿي آيا آهيون، ڪٽوهر ڌر پاران مهلت گهري وئي آهي سٺي موٽ جي اميد رکون ٿا.