ٺل (ن پ ا) ٺل جي ڳوٺ حبيب الرحمان ٻرڙو جو رهواسي نوجوان نور محمد ولد محمد عثمان ٻرڙو عورتاڻي آواز  تي هرکجي 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿيو، جنهن جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي. مغوي نور محمد ٻرڙو جي وارثن ڏانهن ڌاڙيلن پاران فون ڪندي 25 لک روپيه ڀنگ جي رقم طلب ڪئي آهي.مغوي نور محمد ٻرڙو جي گهر ۾ قهرام متل آهي.مغوي جي وارثن پاران رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته 5 ڏينهن اڳ نوجوان گهران نڪري ويو،هاڻي فون آئي آهي ته 25 لک روپيه ڀنگ جي رقم ادا ڪيو،اسان جي مدد ڪندي مغوي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.