گهوٽڪي مان وڌيڪ هڪ نوجوان مبينا اغوا، مغوين جو تعداد 18 ٿي ويو

0
162

گهوٽڪي (ن پ ا) اغوا جي انڊسٽري بڻيل گهوٽڪي ضلعي مان وڌيڪ هڪ ٻيو نوجوان مبينا طور اغوا ٿي ويو، جنهن بعد اغوا ٿي ويل مغوين جو تعداد 18 ٿي ويو آهي

گهوٽڪي شهر مان نوجوان پرسرار طور تي گم ٿي ويو، جنهن وارثن طرفان اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي اطلاع ڪري ڇڏيو, گهوٽڪي شهر جي گوهر ڪالوني جي رهواسي منشا رام جو پٽ تارا چند گذريل ڏينهن کان گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو

نوجوان تاراچند عرف هيرا نند جي والد منشا رام موجب ته پٽ جي ڪافي ڳولا ڪئي آھي مگر ان جو ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو خدشو آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي

نوجوان جي وارثن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مبينا طور اغوا ٿي ويل نوجوان تارا چند عرف هيرانند کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

واضح رهي ته گهوٽڪي ضلعي مان اغوا ٿيل مغوين جو تعداد 18 ٿي چڪو آهي پر مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس جو ڪچي ۾ صرف فوٽون سيشن وارو آپريشن جاري آهي

ھي به پڙھندا

جيڪب آباد ويجھو نوجوان جو لاش هٿ، قتل جو شڪ