ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) صوبائي ڪابينا سي جي لنڪ ڪئنال کي اهڙِ وقت کولڻ تي سخت کٽڪن جو اظهار ڪيو آهي جڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي. ڪابينا ارسا تي زور ڏنو ته هو  سي جي لنڪ ڪئنال کي بند ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. ڪابينا شاخن تان بي گھر ٿيندڙ خاندانن جي لاءِ روهڙي تعلقي، ضلعي سکر ۾ 200 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظور به ڏني. ڪابينا فيصلو ڪيو ته زمين 99 سالن جي مدي جي لاءِ ليز تي ڏني ويندي ۽ هر بي گھر خاندان کي80 مربع گز جو پلاٽ ڏنو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته زمين جي الاٽمينٽ 2017ع کان التوا هيٺ آهي ان ڪري هن بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته خاندانن کي زمين الاٽمينٽ جي لاءِ ڪمشنر سکر جي حوالي ڪئي وڃي. سنڌ جي اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪابينا اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ ڪابينا صوبي ۾ پاڻي جي اڻاٺ ۽ سي جي  ڪينال کولڻ تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي ، وفاقي حڪومت کي سنڌ ڪابينا جي تحفظات بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ  خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  ارسا صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ غير منصفاڻي طريقي ڪري رهيو آهي 1991 واري ٺاھ تي عمل ناهي ٿي رهيو جيڪڏهن ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ته 1991 واري واري ٺاھ تحت منصفاڻي طريقي سان پاڻي جي ورهاست ڪئي وڃي پر بدقسمتي سان پاڻي ٺاھ تي عمل نٿو ڪيو وڃي ارسا ۾ ان معاملي تي تي هميشه مسئلا رهيا آهن. جنهن جي ڪري سنڌ ۾  پاڻي جي کوٽ  آهي. فصل سڪي رهيا آهن صوبي جي ٻھراڙيءَ وارن  علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي. جنهن جو اثر ڪراچي سميت صوبي جي ٻين وڏن شهرن تي ٿي رهيو آهي. صوبائي وزير چيو ته اسان ڪنهن جي به حصي جو پاڻي نٿا گھرون جنهن صوبي جو جيترو حق آهي ان کي اهو ملڻ گھرجي ته جيئن  ڪا به احساس محرومي پيدا نه ٿئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاري فصلن تي سخت محنت ڪن ٿا  انهن جا خرچ وڌي ويا آهن هن چيو ته سي جي ڪينال غير قانوني طور تي کوليو ويو آهي پاڻي جي کوٽ واري صورتحال ۾ ڪنهن به صورت نٿو کولي سگھجي. ڪينال کولڻ سنڌ سان ناانصافي آهي. سنڌ پاڻي جو معاملو هر فورم تي اٿاريندي ۽ وفاق کان 1991 واري معاهدي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪنداسين.  هن چيو ته آبپاشي جي زمينن ۽ ڪينالن تان حد دخلين خلاف آپريشن ۾  متاثرن کي 80 گز جا پلاٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهي ماڻهون غير قانوني طور تي آبپاشي کاتي جي زمينن تي آباد هئا. پر پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته ڪنهن کي به بي گھر نٿو ڪري سگھجي. ان ڪري صوبائي ڪابينا متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري جي لاءِ پلاٽس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري)سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي، سنڌو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 60  سيڪڙو تائين پهتي آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامڻ لڳي، 1991 واري پاڻي معاهدي تحت مئي جي مهيني ۾ ڪوٽڙي بيراج وٽ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي موجود هئڻ گهرجي، هن وقت ڪوٽڙي بيراج ۾ رڳو 200 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، حيدرآباد، ٺٽي، سجاول ۽ بدين سميت مختلف علائقن ۾ بيٺل فصلن ۽ ڪپهه کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو خدشو آھي، سانگهڙ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 50 کان 60 سيڪڙو ۽ پڇڙيءَ جي شاخن ۾ کوٽ 80 سيڪڙو تائين وڃي پهتي.