جيڪب آباد ويجھو نوجوان جو لاش هٿ، قتل جو شڪ

0
135
جيڪب آباد ويجھو نوجوان

جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد ويجھو نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي

صدر ٿاڻي جي حد بقاپل جي رهواسي نوجوان جان محمد جکراڻي جو لاش هٿ آيو آهي، پوليس اطلاع تي لاش کڻائي اسپتال پهچايو ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

پوليس چيو آهي ته بقاپل جي علائقي مان لاش هٿ ڪيو ويو جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ته وارثن پهچي سڃاڻپ ڪئي

نوجوان جو پيءُ شير محمد جکراڻي چيو ته نيڪ محمد کوسو جي ڇوڪرن راند کيڏڻ جي بهاني پٽ کي وٺي ويا، جن گهٽا ڏئي پٽ کي قتل ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

مدئجي ڀرسان سئوٽ هٿان سئوٽ گوليون هڻي قتل