نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي مشهور فنڪار  سڌو موسي والا جي قتل ۾ ملوث ڏوهاري گينگ جي تيار ڪيل لسٽ ۾ فلمساز ۽ هدايتڪار ڪرن جوهر جو نالو شامل ڪيو ويو اهي. لارنس بشنوئي گينگ جي ڪارڪن انڪشاف ڪيو آيه ته تيار ڪيل هٽ لسٽ تحت ڪرن جوهر کان به ڀتو اوڳاڙڻو هو. رپورٽ موجب سڌو موسي والا کي قتل ڪندڙ شوٽر سنتوش جاڌو جي ويجهي ساٿي سڌيش ڪامبلي عرف ماهاڪل هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ پڇا ڳاڇا دوران اهو انڪشاف ڪيو.