ڀارتي اداڪاره گوهر خان فلسطين جي حق ۾ ٻيهر آواز اٿاري ڇڏيو

0
152
ڀارتي اداڪاره گوهر خان فلسطين جي حق ۾ ٻيهر آواز اٿاري ڇڏيو
ڀارتي اداڪاره گوهر خان فلسطين جي حق ۾ ٻيهر آواز اٿاري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور ڀارتي اداڪاره گوهر خان هڪ ڀيرو ٻيهر معصوم فلسطينين لاءِ آواز اٿاريندي چيو آهي ته فلسطين 70 سالن کان پنهنجي زنده دلي جي قيمت چڪائي رهيو آهي

گوهر خان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل تي اسٽوري پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته فلسطين ۾ مسلسل 19 ڏينهن کان اسرائيلي فوج جي بمباري جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ غزا تباهه ٿي ويو آهي

جڏهن ته ٻارن ۽ عورتن سميت 5000 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، ڀارتي اداڪاره ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اڃا تائين دنيا جو ڪوئي سپر پاور ملڪ ۽ گڏيل قومون غزا ۾ جنگ روڪڻ ۾ ڪامياب ناهن ٿيا ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ اسرائيل کي فلسطين جي نسل ڪشي روڪڻ تي مجبور ڪيو آهي

هن فلسطين لاءِ دعا ڪندي چيو ته “يا رب! معصوم حياتين، انهن جي گهرن، روزي روٽي تي رحم ڪر، انهن تي جاري ظلم ۽ ستم ختم ڪر.” گوهر خان وڌيڪ چيو ته فلسطين گذريل 70 سالن کان پنهنجي ان زنده دلي ۽ احسان جي قيمت چڪائي رهيو آهي، جيڪو انهن اسرائيل تي ڪيو هيو