ڪراچي (اسپورٽس نيوز) مشهور اداڪار عمران عباس پنهنجي تازي سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي پنهنجي مداحن کي وڏي خوشخبري ڏئي ڇڏي آهي، عمران عباس پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل تي پنهنجي ساٿي اداڪاره سعديه خان سان گڏ ورتل ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون آهن، انهن تصويرن ۾ ڊرامه انڊسٽري جي ان مشهور ترين جوڙي کي قدرتي منظرن مان لطف اندوز ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو، اداڪار پنهنجي پوسٽ ۾ پنهنجي مداحن کي وڏي خوشخبري ڏيندي چيو ته اسان تمام جلد ٻيهر هتي واپس اچي رهيا آهيون، ان پوسٽ تي عمران عباس ۽ سعديه خان جي مداحن طرفان تبصرن جو سلسلو جاري آهي، مداحن جو چوڻ آهي ته اهي ان جوڙي کي ڊرامه سيريز “خدا اور محبت” جي سيزن 4 ۾ گڏ ڏسڻ چاهين ٿا، واضح رهي ته رائٽر هاشم نديم جي مشهور ناول “خدا اور محبت” تي ٻڌل ڊرامو 2011 ۾ نشر ڪيو ويو هيو، جنهن ۾ عمران عباس ۽ سعديه خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هيو، بهترين ڪهاڻي سبب ڊرامي جي پنجن سالن بعد 2016 ۾ ان ڊرامي کي هڪ ڀيرو ٻيهر منفرد انداز ۾ پيش ڪيو ويو هيو، پهرين سيزن وانگر ٻئي سيزن به ڀرپور ڪاميابي ماڻي، ٽئين سيزن ۾ اداڪار فيروز خان ۽ اقرا عزيز کي مرڪزي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو هيو، پر هاڻي عمران عباس جي پوسٽ ڏسي مداح ايندڙ سيزن ۾ ٻيهر عمران عباس ۽ سعديه خان کي گڏ ڏسڻ جا خواهشمند آهن.