کڏڙو (ن پ ا) کڏڙو ۾ يوريا ڀاڻ ذخيرو ڪري بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف اي سي محمد يونس رند پوليس سان ساڻ ڪري شهر جي سانوڻ شاھ ڪالوني، سانگھڙ نوابشاھ مين روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي ذخيرو ڪيل ڀاڻ هٿ ڪري واپاري گوبند رام ، محمد شريف  ۽ امجد علي جي  4 گدامن کي  سيل ڪري ڇڏيو. ٻي طرف آبادگارن غلام قادر بروھي ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪندي مطالبو ڪيو ته ڀاڻ آبادگارن ۾ ڪنٽرول ريٽ تي ورھايو وڃي.