نئين دهلي (شوبز نيوز) ايئرپورٽ عملي اڏام ۾ دير ٿيڻ کي نظر ۾ رکندي بالي ووڊ اداڪاره راڌيڪا آپٽي کي مسافرن سميت ايرو برج اندر بند ڪري ڇڏيو، ڀارتي ميڊيا موجب راڌيڪا آپٽي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه تصويرون ۽ وڊيو پوسٽ ڪئي

جنهن ۾ اها ٻين مسافرن سان گڏ ايئرپورٽ جي ايرو برج اندر موجود آهي، راڌيڪا آپٽي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته “اڄ صبح 8 لڳي 30 منٽن تي منهنجي اڏام هئي پر اڏام دير جو شڪار ٿي وئي ۽ ايئرپورٽ عملي مون سميت سمورن مسافرن کي ايرو برج ۾ وجهي اسان کي اندر بند ڪري ڇڏيو

Actor Radhika Apte, others locked-in at airport's aerobridge, says 'no water, no loo' | Mint

اداڪاره چيو ته “ايرو برج اندر بند مسافرن ۾ ننڍن ٻارن سميت بزرگ مسافر به شامل آهن، هتي پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي ۽ نه ئي کائڻ لاءِ ڪجهه آهي.”

هن چيو ته “ايئرپورٽ عملو اهو ئي چوندو رهيو ته اڏام ۾ دير ان لاءِ ٿي ڇو ته عملو تبديل ڪرڻو پيو، نئون عملو اڃا تائين ناهي پهتو ۽ اسان کي اهو به معلوم ناهي ته عملو ڪيستائين پهچندو”

راڌيڪا آپٽي وڌيڪ چيو ته “مون ايئرپورٽ عملي جي هڪ بدتميز عورت سان ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها اهو ئي چوندي رهي ته مسئلو ناهي ۽ ڪا دير ناهي ٿي.