ڪراچي (شوبز نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا ڪنزا رزاق چيو آهي ته شادي کان اڳ عورت پيءُ ماءُ ۽ ڀيڻ ڀائرن جڏهن ته شادي کان پوءِ مڙس ۽ سندس خاندان بابت سوچيندي آهي، ان ڪري کيس پنهنجي ذات لاءِ وقت ئي نه ملندو آهي. ڪنزا رزاق هڪ انٽرويو ۾ شادي ۽ ڪيريئر ۾ رنڊڪ بابت سوال تي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ شادي سڌي ريت رنڊڪ ناهي بڻبي پر عورتن تي ذميواريون وڌي وينديون آهن. اداڪارا دليل ڏنو ته عورت جڏهن ڌيءَ هوندي آهي ته هن سان سندس گھرڀاتين جون مختلف اميدون سلهاڙجي وينديون آهن، پهريان هوءَ ننڍي هوندي آهي ته ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ هوندي آهي، پوءِ پيءُ ماءُ جي ويجهو اچي ويندي آهي. هن چيو ته عورت جڏهن پڙهي لکي نوڪري ڪرڻ جي عمر ۾ پهچندي آهي ته هوءَ وڙهي ڪري پيءُ ماءُ کان هڪ چانس گھرندي آهي ۽ حقيقت ۾ پروفيشنل زندگي ۾ وڃڻ سان ئي عورت گھڻو ڪجهه سکندي آهي. اداڪارا جو چوڻ هو ته ملازمت ۽ ڪم دوران جو وقت ئي عورت کي گھڻيون شيون سيکاريندو آهي ۽ ان جي ذهني تربيت به ٿيندي آهي پر ان وقت شادي ڪرڻ سان اهو سلسلو ختم ٿي ويندو آهي. ڪنزا رزاق موجب پروفيشنل لائف جو وقت ئي حقيقت ۾ عورت جو پنهنجو وقت هوندو آهي، ان ۾ ئي هوءَ پاڻ کي سمجهندي آهي پر جيڪڏهن ان جي شادي ڪرائي وڃي ته پوءِ اُها پنهنجي لاءِ نه پر مڙس ۽ سندس خاندان بابت سوچڻ لڳندي آهي.