ڪراچي (شوبز نيوز) ڪراچي شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل نازش جهانگير انڪشاف ڪيو آهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ڏينهن م ڪيترن ئي ماڻهن سوشل ميڊيا لائيو تي سيشن دوران هُن سان فِلرٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. تازو ئي نازش جهانگير هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي حادثي، ڪورونا وائرس جي ڏينهن ۽ پنهنجي شخصيت مضبوط ڪرڻ بابت ڳالهايو. نازش جهانگير چيو ته آئون رڳو 15 سالن جي هيس ته منهنجي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، اُهو منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو حادثو هو ڇو جو ماءُ کانسواءِ زندگي ڪجهه نه آهي ۽ اُن وقت ننڍي عمر هجڻ سبب منهنجي تربيت به نه ٿي هئي پر هن معاشري منهنجي تربيت ڪئي. نازش جهانگير هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اهو به چيو ته آئون پنهنجي غلطي تسليم ڪندڙ عورت آهيان ۽ جتي مون کي لڳندو ته مون کي سامهون واري شخص کي وڃڻ کان روڪڻ گھرجي ته آئون اُن جي منهنجي زندگيءَ ۾ رهڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنديس ۽ ڄمي بيهندس ته هو منهنجي زندگيءَ مان نه وڃي. هن عالمي وبا ڪورونا وائرس جو وقت ياد ڪندي چيو ته آئون نفسيات ماهر جي شعبي ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي آهي ته آئون ڪورونا جي ڏينهن ۾ سوشل ميڊيا تي ڪيترائي آن لائين سيشن ڪيا جنهن ۾ ماڻهن جا نفسياتي مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي. نازش جهانگير چيو ته آئون انسٽاگرام تي مريض سان 40 کان 45 منٽن جو آن لائين سيشن ڪندي هيس، ان دوران ڪيترن ئي مردن مون سان فلرٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.