ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ۾ ميمبرن جي عدم دلچسپي، سرڪاري توڙي اپوزيشن جي ميمبرن جو وڏو انگ شريڪ ئي نه ٿيو، اجلاس ۾ آيل  حڪومتي توڙي مخالف ڌر جا ميمبر بجيٽ تي ڳالهائڻ بدران هڪٻئي جي سياسي قيادت  کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهيا، ڪالهه اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي سعديه جاويد ڳالهائيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اسان  گاهه کائي به ايٽم بم ٺاهينداسين،  ٻئي پاسي هڪ اڳوڻي وزير اعظم ايٽم بم هڻڻ  ۽ ملڪ کي ٽن ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي، ، هن چيو ته گذريل ڏينهن هڪ ايم پي اي پاران سنڌ جا سسٽم ته ٻڌايا ويا پر اهي عوام کي پنڪي پيرني، فرح گوگي ، عثمان بوزدار سسٽم سميت ٻڌائين،  وزير ۽ معاون رهندڙ شهزاد اڪبر، رزاق دائود ۽  ذلفي بخاري ڪٿي آهن؟ هيرن جي منڊيون ڪير ۽ ڇو وٺندو هو؟ پي ٽي آءَ  ايم پي اي فردوس شميم نقوي چيو ته  سنڌ حڪومت جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻڌائين ته گمس، اين آءِ سي وي ڊي سميت 3 وڏين اسپتالن واريون سهولتون سڄي سنڌ ۾ ڪڏهن ميسر ڪندا ؟ سنڌواسين کي گدلو پاڻي پيو ملي، ڊرينج سسٽم برباد ٿيل آهي،  روڊ رستا گند سان ڀريل آهن، هن چيو ته پ پ دور ۾ رڳو ڪچيون آباديون ٺهيون، هن وقت رڳو ڪراچي ۾ 8 هزار ڪچيون آباديون قائم آهن، هن چيو ته  بجيٽ رولز تي عمل نٿو ٿئي، پري بجيٽ بحث به نٿو ڪيو وڃي، اسان کي ٽه ماهي بجيٽ خرچن بابت انگ اکر به نٿا ملن،  هن چيو ته اسان کان الڳ ٿيل ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي  شهباز حڪومت سان مليو ته ڪجهه ڏينهن ۾ سندس اسڪيمون، منظور ڪيون ويون، اسلام آباد، لاهور ۽ ڪي پي ۾ 10 سال اڳ 1122 آئي هئي، سنڌ حڪومت کي 15 سالن بعد جاڳڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي جاويد حنيف چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي وقتي گورنر ٿيڻ لاءِ سيڪيورٽي ڪليئرنس جي ڪا ضرورت  ناهي، گورنر لاءِ نامزد  نسرين جليل لاءِ سيڪيورٽي ڪليئرنس جو مسئلو آهي، نسرين جليل جو والد لاهور جو  پهريون ڪمشنر هو، جنهن لاهور کي آباد ڪيو، ڇا اسين بانيان پاڪستان هوندي ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهيون؟ هن اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي چيو ته اسان جو ڏوھ  اهو آهي ته اسان پاڪستان  ٺاهيو ، اسان جي پارٽي کي ٽوڙڻ لاءِ 4 آپريشن ڪيا ويا، اسان جي مينڊيٽ کي چورائڻ لاءِ ڪڏهن ٽي ايل  پي ته ڪڏهن وري ڪنهن ٻئي کي آندو ٿو وڃي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ حڪم ڪيو ته مڪاني ادارن کي 140 اي  هيٺ اختيار ڏيو  پر حڪمران مڪاني ادارن کي اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن، ا عدالتن ۾ وڃون ٿا ته ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اليڪشن ڪميشن وارا به اسٽيريو ٽائيپ ڳالهيون ڪن ٿا، پي ايف سي کانسواءِ بجيٽ اڌوري آهي سنڌ صوبي جي سمورين ڪائونسلن لاءِ  84 ارب  ۽ 30ملين آبادي واري  شهر ڪراچي لاءِ رڳو 15 ارب رکيا وڃن ٿا، اسانکي سنڌ حڪومت پيئڻ جو پاڻي به  ناهي ڏنو. انصاف جي ڪرسي تي ويٺلن کي انصاف ڪرڻ گهرجي،