اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڊس انفارميشن هن دور جو وڏو مسئلو آهي،  پاڪستان دوست ملڪن سان گڏجي ڊس انفارميشن خلاف قدم کنيا آهن، ڊس انفارميشن جي روڪٿام لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊس انفارميشن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، گڏيل قومن جي لاڳاپيل ڪاميٽي کي مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڊس انفارميشن بابت آگاهي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد وٺي سگهجي ٿي.