پھر پُڪارون …. منظم سازش تحت شهرن مان تڙجندڙ ٿرواسي!….

0
24
پھر پُڪارون .... منظم سازش تحت شهرن مان تڙجندڙ ٿرواسي!....

 اسي واري ڏھاڪي جي صفا پڇاڙي ھئي ۽ اسان حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد واري پنھور مسجد ۽ ناٿا منزل واري علائقي ۾ پنھنجي ڳوٺائي ڊاڪٽر مھيش ڪمار مھيشوري جي جاءِ تي اچي رڳو ان ڪري ترسيل ھئاسين، جو ان زماني ۾ مسلم سائنس ڪاليج جي پروفيسرن پاران تيار ٿيندڙ Guess Paper ۽ مختلف سبجيڪٽن جا نوٽس فوٽو ڪاپي ڪرائي واپس عمرڪوٽ ورڻو ھو. تنھن زماني ۾ مسلم سائنس ڪاليج جي پروفيسرن جي نوٽس جي بلي بلي ھئي ۽ اھي پنھنجي ٽيوشنر شاگردن کي خاص نوٽس تيار ڪري ڏيندا ھئا ۽ نتيجي ۾ ساليانو امتحان نوجوان اَي ون ۽ اَي گريڊ ۾ پاس ڪري ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ سليڪٽ ٿي ويندا ھئا.

                 ان رات ئي حيدرآباد ۾ 30 سيپٽمبر وارو واقعو ٿيو ھو ۽ حيدرآباد جي 11 علائقن ۾ ڪرفيو لڳو ھو. اھڙي خبر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نشر ٿيندڙ پروگرام “صبح مھراڻ” ۾ ھلي ھئي. اسان جيئن ئي پنھور مسجد ويجھو پھتاسون ته رينجرز جون اسٽينڊ باءِ موبائيلون اچي اسان وٽ بيٺيون. اڳيان ويٺل ڊي ايس پي رينڪ جي آفيسر اسان جون شڪليون ڏسي سڌي ريت ڍاٽڪي ۾ پڇيو ته، “ڪوڻ اھو؟” اسان چيوسين ته عمرڪوٽ جا ٿريا آھيون، ته ان آفيسر پيار مان سمجھايو ته ڪرفيو لڳل آھي، ٻاھر نڪرڻو ڪونه ھو پر ھاڻ توھان ڪاري موريءَ مان ٿيندا وڃي ڦليلي باءِ پاس تان بس ۾ سوار ٿيو ۽ ھن آفيسر چيو ته، “ھون به ٿريو آن”. تڏھن دل کي آٿت ڏيندي سوچيوسين ته پنھنجن جو ھجڻ ڪيڏو لاڀائتو ھوندو آھي.

ان زماني ۾ ھاڻوڪي لمس، جيڪا اڳي ايل ايم سي طور مشھور ھئي، ان جي ڄامشوري واري مک ڪئمپس جي گيٽ تي ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ سان وڏي پئنٽنگس ذريعي “صاحب ڏي شفا، ميان مريضن کي” وارو لطيف جو شعر لکيل ھوندو ھو ۽ چوڌاريءَ موجود ننڍڙيون ھوٽلون، ڪئبينون ۽ ٺنھيا ٿر جي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺن پنات، کيمي جي پار، جيسي جي پار ۽ عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ پورھيت طبقي راھمان برادريءَ جي نوجوانن جا ھوندا ھئا. لڳ ڀڳ ساڳي ريت مھراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ۽ حيدرآباد جي حيدر چوڪ لڳ منظور ڪالونيءَ واري علائقي ۾ به ٿريا پنھنجو شاندار طريقي سان ھوٽلنگ سميت ٻيو ڪاروبار ڪندي نظر ايندا ھئا. ٿرواسين کي ھوٽلنگ سميت مختلف ڪاروباري ڪمن طرف مائل ڪري انھن ٿاڪن تي کين وسائڻ ۽ سيٽ ڪرڻ جو اھو سڄو ڪريڊٽ شھيد ڪمال راھمون ڏانھن وڃي ٿو، جيڪو حيدرآباد جي ڊاڪٽرس ڪالونيءَ ۾ ڊاڪٽر قادرمگسيءَ تي ان دور ۾ اين ايس ايس او جي ھٿياربندن پاران ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ کيس بچائيندي شھيد ٿي ويو ھو.

ٽنڊو ولي محمد به ان دور ۾ ھڪ ننڍڙو ٿرپارڪر لڳندو ھو، جتي چانڊيا ۽ سيال برادري به آباد ھئي ۽ ڪاڪي مٺوءَ جي ويشنو ماني ۽ ڀاڄيون ڏاڍو مشھور ۽ لذيذ ھونديون ھيون، جتي اڪثر مھيشوري ۽ ڪوھستاني ديوان واڻيا نوجوان ماني کائيندا ھئا. ڀرسان سلاوٽ پاڙي ۾ رھندڙ ھندو ڪٽنبن جي نوجوانن جي رھڻي ڪھڻي ۽ لب لباس ڏسي به ايئن محسوس ٿيندو ھو ڄڻ ماڻھو مارواڙ ۽ ڪڇ ڀُڄ جي ڪنھن ڳوٺ ۾ ترسيل ھُجي. اھي ئي پولڪي ساڙھي گھاگھري توڙي ٽيلڙين جا رنگ، ريشمي پوتين ۽ رَوَن جو رنگاوتي ڪم ۽ پوءِ وري انھن کي ٻڌل ڏورين ۽ لوھ جي تارن تي سڪائڻ لاءِ ٽنگي ڇڏڻ- ايئن لڳندو ھو ڄڻ ماڻھو عمرڪوٽ جي غلام نبي شاھ، کپري ۽ مٺيءَ جي کتري ڪالوني پھچي ويو ھجي، جيڪي علائقا ڪنھن زماني ۾ رڱاوتي ڪم جا مرڪز رھيا آھن.

شھيد ڪمال راھمون جي موڪلاڻي بعد وڏي وقت تائين سنڌ جي حيدآباد ۾ موجود ٽنھي يونيورسٽين جي شاگرد سياست ۾ سموريون شاگرد تنظيمون ٿري نوجوانن کي وڏي قدر جي نگاھ سان ڏسنديون ھيون. سنڌ جي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر حليم باغي، شھيد ڪمال جي ان قرباني ۽ شھادت تي ھڪ نظم لکيو، جيڪو اڄ پڻ سنڌ جي قومپرست تحريڪن ۾ وڏي واڪي ڳائجي ۽ پڙھجي ٿو پر سانا آمريڪا ۾ موجود سنڌي به ان دور جي ھن نظم کي ياد ڪندا رھندا آھن:

پِٽين پنھواريون پلاند واريون، مَلين چهرا گهرن جي رک سان

انهن جي لڙڪن سندو ڪو ٿورو ڌيان عالي جناب ٿيندو

ڪمال جو رت چئي ٿو قاتل، ڦُڙي ڦُڙي جو حساب ٿيندو

وقت جو وري اھڙو واءُ اچي وريو آھي، جو ان حيدرآباد ۽ ڪراچي جھڙن پنھنجن شھرن مان سال دوران ڪيترن ئي ٿر سان واسطو رکندڙ نوجوان پورھيتن جا لاش ٿا ملن، جن شھرن ۾ ڪو وقت ھو جو تگوسر کان کينسر تائين جا ٿريا نوجوان جوڙ ھڻي پلٿيون ماري ويٺا چونڪن ۽ ھوٽلن تي ڍاٽڪيءَ ۾ ڪچھريون ڪندا ھئا. آزاد ۽ سُکي زندگي گذاريندا ھئا. ٿر جو نوجوان پورھيت بورچي جو ڪم، ڀرت ۽ سلائيءَ، توڙي ڊرائيونگ جي ڪمن ۾ وڏي مھارت ۽ ڦڙتي رکندڙ  مشھور آھن. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ڊفينس جي پوش علائقن کان وٺي حيدرآباد جي قاسم آباد ۽ شھر وارن علائقن ۾ اڪثر بنگلن ۽ اپارٽمينٽس ۾ توھانکي چوڪيدار، پٽيوالا ۽ بورچي ٿرواسي ملندا پر ھاڻ شرافت ۽ مھارت سندن موت جو ڪارڻ بڻجندي ٿي وڃي. موت جا ڪارڻ کڻي ڪي ٻيا به ٿي سگھن ٿا پر اڪثريتي راءِ توڙي قتل واقعن بعد وڏن احتجاجن ۽ ڌرڻن بعد داخل ٿيل ڪيسن جون جاچ رپورٽون اھو ٻڌائين ٿيون ته اهي ڪلاس فئڪٽر، ڀوتارڪي، وڏيرڪي سوچ جو نشانو بڻجي موت جو کاڄ بڻايا ويا. ھڪ راءِ اھا به آھي ته ڇاڪاڻ جو ٿرواسين جو جھجھو تعداد ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ روزگار سانگي اچي آباد ٿيڻ شروع ٿيو آھي، ان سان سنڌين جي اڪثريت ۽ اتحاد کي فائدو ٿي رھيو آھي، تنھن ڪري اھڙي خاموش تبديليءَ کي روڪجي.

80ع ۽ 90ع واري ڏھاڪي جي وچ ڌاري نيو ڇور واسي سروپ سوٽھڙ جڏھن روزگار سانگي ڪراچي ويو پئي ته ان وقت وٽس ڪل جمع پونجي کيسي ۾ پيل سترنھن روپيا ھئي ۽ پوءِ ھو وڏو بزنيس مين بڻجي ويو. ھاٿيرام سوٽھڙ جي پٽ سروپ سوٽھڙ ڪراچي ۾ اچي ايتري محنت ڪئي، جو اڄ وٽس رانديڪا، ٽيليفون، انڊيڪس واريون ڊائريون، لاڪرز جي چاٻين وارا ڇلا ۽ پلاسٽڪ جا خوبصورت رانديڪا ٺاھڻ جون فئڪٽريون آھن ۽ سندس پراڊڪٽس يورپ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن طرف ايڪسپورٽ ٿين ٿا ۽ اھڙا ٻيا انيڪ مثال موجود آھن. سو سندن غيرمعمولي ڏاھپ ڳچيءَ پوڻ لڳي آھي ۽ ٻيو ته ٿرين جي وڏي تعداد ۾ شھرن طرف رخ ڪرڻ جي صورت ۾ ٻين غيرسنڌي ماڻھن جو زور ٽٽڻ لڳو آھي، تنھن ڪري اهو سمجهيو پيو وڃي ته ھڪ منظم پلاننگ تحت ٿرواسين کي روزگار جي ان باعزت سيڪٽر مان ڌڪي ڌار ڪرڻ سان ھڪ ئي ڌڪ ۾ ٻه شڪار ڪيا پيا وڃن. ھڪ ته ٿريا ڊپ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڇڏي ويندا. ٻيو ته عام طور سنڌي ان ڪاروباري سيڪٽر ۽ مارڪيٽ منڊي مان آئوٽ ٿي اقليت ۾ اچي ويندا.

ھاڻوڪي چيئرميني واري بلدياتي نظام جي اليڪشن وقت عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي ڪافي ڪائونسلر جي سيٽن تي فيصلائتو ووٽ ڪراچي جي گوڌرا اسٽاپ، ميٽروول، سائيٽ ايريا، نيو ڪراچي، انڊسٽريل ايريا، ماڙي پور، محمود آباد ۽ ٻين علائقن مان پھتل انھن جوڳين ۽ مينگھواڙن جو رھيو، جيڪي ڄاڻايل علائقن ۾ گارمينٽس فئڪٽرين، آٽو ورڪشاپس ۽ مختلف آفيسن ۾ روزگار ڪن ٿا. انھن کي ڪراچي ۽ حب چوڪي بلوچستان مان عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر اباڻن پولنگ تڪن تائين پڄائڻ لاءِ اميدوارن اي سي بسون ڀاڙي تي ڪيون ۽ ووٽرن جا سمورا لاڏ ڪوڏ برداشت ڪيا. ائين جنرل اليڪشن ۾ به ٿيندو آھي پر اليڪشن کٽڻ بعد اھي ڀوتار، سردار ڪراچي ۾ ملندڙ ساڳئي ٿرئي ووٽر سان ھٿ به سولو ناھن ملائيندا. نتيجي ۾ اھي وڏن شھرن ۾ نڌڻڪائپ جو شڪار آھن. جيڪي به قتل جون وارداتون ٿيون يا بنگلن مان لاش مليا، انھن ٿرواسين جي پنھنجي عزيزن مائيٽن ڪا مڙسي ڪئي ته ٺيڪ، نه ته خاموشيءَ سان تدفين ڪري سڄي حياتي سور پٽيندا رھندا آھن. اڳي مرحوم سيٺ جمعي خان راھمون جھڙا مڙس مٿير نه رڳو واقعي واري ھنڌ پاڻ پڄندو ھو پر ضروري ڪارروائي بعد مقتول جي مڙھ کي ٿر جي اباڻي ڳوٺ تائين پنھنجي ٿر جي کيڪڙي “ڇڪڙي” گاڏيءَ ۾ ذاتي خرچ سان کڻائي پڄائيندو ھو ۽ آخر تائين ڪيس جي مالڪي ۽ وارثي ڪندو ھو.

اسي ۽ نوي وارن ڏھاڪن دوران مھراڻ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڪئنٽين ھڪ ٿرواسي سومرو شاگرد ھلائيندو ھو، جيڪو اڄڪلھ سوئي سدرن گئس ۾ 20ھين گريڊ جو آفيسر آھي. حيدرآباد ريلوي پليٽ فارم لڳ موجود ھوٽلن کان وٺي ڪئنٽ اسٽيشن تائين لاتعداد ٿريا ھوٽلن جو ڪاروبار ڪن ٿا. ان ئي دور ۾ حيدرآباد قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ لڳ واڌو واهه تي الفريد اسڪوائر ويجھو مشھور ماروئڙا ھوٽل عبدالله راھمون ھلائيندو ھو، جنھن کي عرف عام ۾ ڪامريڊن ۽ ٿرين جي ھوٽل سڏيو ويندو ھو. ڪامريڊ عبدالله پنھنجي ماڻھن سان گڏ بيھندو ھو ۽ آخري وقت تائين بيٺو رھيو. هو ڪجھ سال اڳي ھي جھان ڇڏي ويو.

نامور قوم پرست اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر پنھنجي تقريرن ۾ ڪيئي ڀيرا اھو واضح ڪيو ته ٿرپارڪر رڳو مٺي، چيلھار، ننگرپارڪر ناھي پر کوکراپار، جمعون سومون، اڇڙو ٿر، ھٿونگو، مئو ۽ راڻڪ ڏھر به حسين ۽ خوبصورت ٿر جو حصو آھن. تنھن ڪري ٿر جي جاگرافيءَ کي سوڙھو ڪرڻ بجاءِ دلين کي ڪشادو ڪريو، توھانکي ٿر ڪنھن سھاڳڻ جھڙو ڏيک ڏيندو. اھڙي دلڪش ٿر کي طبقن ۽ سياسي درجابنديءَ جو شڪار بڻائي اھڙو ته لاوارث بڻايو ويو آھي، جو ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ڪٿي به پنھنجن جي منظم طريقي سان مالڪي ۽ وارثي نه پئي ٿئي، جيڪو مقامي توڙي قومي سطح جو وڏو نقصان چئي سگھجي ٿو. جنھن کان بچڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.