اَڀرن جو ڪوبه ناهي…!

0
24
اَڀرن جو ڪوبه ناهي...!

ننڍي کنڊ جي وڏي ليکڪه اَرُونڌتي راءِ اڄ جيڪڏھن مون کي ڪٿي ملي وڃي ته اُن کي هٿ ٻَڌي چوان ته اي پُورب جي پُتري! تو ته الئه ڪئين ‘هيڻن جو ڀڳوان’ تخليق ڪيو هو، پر سچ پُڇين ته هيڻن جو ڀڳوان آھي ئي ڪونه! هيڻا ۽ لاچار اڄُ به ڏاڍن هٿان تذليل جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. هيڻا اڄُ به پيٽ پالڻ لاءِ پکين وانگي پانپرا ڪن ٿا. توڪل جي تُرهي تي ترندڙ هيڻن ماڻهن جي هٿن ۾ سواءِ لڪيرن جي ڪُجهه به ناهي. اڀَرن وٽ ڪوبه ذخيرو ناهي. اَڀرا اڄ به ڏاڍن جي رحم و ڪرم تي جيئن ٿا. هيڻن جون دانهون اڄ به ارض و سما جي وچ پولارن ۾ بنان ڪنهن داد رسيءَ جي دفن ٿيو وڃن ٿيون. اَڀرا اڄ به بُکن ۽ ڏُکن ۾ ڏينهن گهاري راتيون روئندي گُذارين ٿا. اَڀرا اَٽي جي لَپ لاءِ قطارن ۾ بيهي انڪم سپورٽ جي آفيسن اڳيان دربدر ٿين ٿا. اَڀرن جو نه ڪو عزيز آھي، نه مِٽ مائٽ. اَڀرن جو رت ايترو ته هلڪو آھي جو سندن سڳا سيڻ به ڪَڙا ويڻ چئي هليا وڃن ٿا. اڀرن جي رڻ ٿيل اکين ۾ رڳو سپنا بچن ٿا، جن کي ساڀيان الئه ڪڏھن ملندي؟

                 اڀرن جو ڪو هُجي ها ته جڏھن معصوم نياڻين سان انسان جي روپ ۾ لڪل وحشي جانور بدسلوڪي ڪن ٿا، جڏھن معصوم نياڻيون ڪن پاپين جي پليت چنبن ۾ ڦٿڪن ٿيون، تڏھن هن ڪائنات ۾ ڪو خلل ضرور پوي ها. اُنهن معصوم نياڻين جا نيساڪا نه آسمان لوڏي سگهن ٿا، نه ڌرتي ڌوڏي سگهن ٿا. قهرين جي هٿن ۾ ڪُوڪُون ڪندڙ اهڙين انيڪ اٻلائن جي بيوسيءَ تي نه سنڌي وڏي سمنڊ ۾ ڪو سونامي اُٿي ٿو، نه ڪو ٻرندڙ جبل ڌرتيءَ جو سينو چيري ٻاهر نڪري ٿو. بس رُڳو معصوم نياڻين جا لڱ درد جي آڳ ۾ دوڌن وانگي دُکن ٿا ۽ دُنيا ساڳي رفتار سان هلندي رهي ٿي.

هيڻن جو ڪو هُجي ها ته ڏينهن ڌونئري جو ڌرتي ڌڻين دراوڙن کي بنان ڏوھ جي پنهنجن اَجهن مان ڪو لوفر لوڌي نه ڪڍي ها، اُنهن جي ڪو ڪُوڪ ٻُڌي ها. اَڀرن جو ڪو هُجي ها ته آئي ڏينهن پنهنجن گهرن مان تڙجندڙ انهن معصوم ڌرتي ڌڻين جي اونگارن تي آسمان لڏي ها، ڌرتي ضرور ڌُٻي ها، پر ڪُجهه ڪونه ٿيو، ڇاڪاڻ ته هيڻن جو ڪير به ناهي! نه انسان نه ڀڳوان! ماڻهو ته جهرڪيءَ جو آکيرو به ائين پَٽي ناهن اُڇلائيندا، جيئن اَڀرن ماڻهن جا گهر ڊاهي پَٽ ڪيا پيا وڃن. ڪنهن ڏاڍي جو مال جو واڙو به نٿو ڪڍي سگهجي پر هيڻن جا ته لوڙھا آسانيءَ سان لتاڙيا وڃن ٿا. ڪيڏي نه اُلٽي گنگا آھي يار!

اَڀرن جو ڪو هُجي ها ته لاڙي لهجي جهڙي مٺڙي ٻوليءَ ۾ پنهنجي جان جو اَمان گهرندڙ سنڌ جُون سون ورنيون نياڻيون ڪاريون ٿي سندن ئي ڀائرن جي گولين سان نه گهائجن ها. انهن معصوم نياڻين جا ماءُ ۽ پيءُ پنهنجن ڌيئرن کي بچائي نه سگهڻ جو بوجهه سڄي عمر پنهنجي ڪمزور ڪُلهن تي کڻي پل پل جيئڻ ۽ مرڻ واري قهري ڪيفيت ۾ نه گُذارين ها.

اَڀرن جو ڪو هُجي ها ته معصوم گيتا جي ماءُ، پراين هٿان مارجي ويل پنهنجي ڌيءَ جي مڙھ جو مُنهن ضرور ڏسي ها. هڪڙي اٻلا ماءُ سندس ڌيءَ جي لاش کي چنبڙي مُنهن ڏسڻ لئه رڙيون ڪندي رهي، پر ان کي منهن به نه ڏيکاريو ويو ته انصاف ڪٿان ملندو؟ بنان ڏوھ ڌارين هٿان ڌڪارجي ڌڪارجي مارجي ويل سندس ڌيءَ جي درد ۾ رت جا ڳوڙھا روئندڙ اُن ماءَ جي ممتا کان پُڇو ته ڌيئرن جو موت مائرن جو جگر ڪيئن ڪَٽي ٿو؟

اڀرن جو ڪو هُجي ها ته لاڪوڙَي جي لاکيڻي ماڻهو ڪلجي تيجاڻي جو ميهي کير جهڙو مِٺو پُٽ مينهون واريندي ترائيءَ ۾ ٻُڏي ڪونه مري ها. ترائيءَ جو پاڻيءَ ته سُڪي ويو آھي، پر ڪلجي جي اکين جو پاڻيءَ اڃا نٿو سُڪي. سندس دل جو ڀنڀور اُجڙي چُڪو آھي، ڇاڪاڻ ته سندس حياتيءَ جو اڪيلو سهارو ايشور کي پيارو ٿي ويو آھي. آھي ڪنهن کي احساس ته اڄ ڪلهه جي مهانگائيءَ جي ماريل ڪلجي تان ڪهڙي قيامت گُذري ٿي! ڪهڙي قيامت گُذري ٿي اُن ماءُ مٿان، جنهن جو پُٽ پڙھڻ واري وهيءَ ۾ پاپي پيٽ لاءِ مينهون چاريندي مري ويو!

اَڀرن جو ڪو هُجي ها ته عيد جي ڏينهن ڪو اَحمد پيٽ ڀرڻ لئه پراين درن تي ڏلها کڻي پنهنجا ڪُلها ڪونه گسائي ها. هوليءَ جي ڏينهن راملي جو پُٽ نئين وڳي جي سِڪ پُراڻي مان پوري نه ڪري ها. ڪو ٿريو پنهنجي نياڻيءَ جي نٿ وڪڻي قرض ڪونه چُڪائي ها. ڪو ٻهراڙيءَ جو جُهور پوڙھو پنهنجي آخري پُنهن وڪڻي به بيمار نُنهن کي بچائي نه سگهڻ جي ڏُک ۾ خودڪشي ڪونه ڪري ها، هي ڌنوانن جي بي داد دُنيا ڌنوانن کي مبارڪ هُجي! اَڀرن جي نه رات آھي نه ڏينهن آھي. اَڀرا سيارن ۾ سيءَ مرن ٿا ته اونهارن ۾ اُس ستائي ٿي. اَڀرا لٽن بدران اڳڙين ۾ اوگهڙ ڍڪين ٿا. اَڀرا اڄ به سرڪاري اسپتالن ۾ نڌڻڪا ٿي دم ڌڻي حوالي ڪن ٿا. هيڻا اڄ به هن ڌرتيءَ تي ڏاڍن جي پيرن هيٺان لتاڙجي ماڪوڙين وانگي مري رهيا آھن. ڪو ٻُڌڻ وارو ئي ناهي!