Notes From London … لنڊن جا حال به اسان وارا ……..

0
88
Notes From London ... لنڊن جا حال به اسان وارا ........

 يورپي يونين، جنھن جا 27 ملڪ ميمبر آهن، ان سان جڏھن برطانيا 47 سالن جو لاڳاپو ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ته اڪثر ماڻهن اُھو سمجھيو ته جيئن ته ھڪ قوم جي طور تي ۽ پنھنجو زبردست ماضي رکڻ جي ڪري اِنھن جو قدم ۽ فيصلو يقينن درست ھوندو ۽ پنھنجي وسيع تر مفاد ۾ ھوندو. جڏھن اُھو لاڳو ٿيڻ جو عمل 31 جنوري 2020ع تي پنھنجي عملي شڪل ۾ سامھون آيو ته خبر پئي ته مار! سائين، سياڻا ڪانءَ ٻه ٽنگا ڦاسي چڪا آھن. اُن ڏينھن کان پوءِ جيڪو بحران سامهون آيو آهي ته ان مان نڪرڻ جو في الحال ڪو به آثار نظر نٿو اچي. يورپي يونين کي ڇڏڻ کان علاوه ان بحران جا ٻيا سبب به آهن، جيڪي عالمي سطح جا آھن. جھڙوڪ: ڪرونا جي وبا ۽ يوڪرين ۽ روس جي پاڻ ۾ لڙائي، پر ٻيا ملڪ جيڪي آسپاس ھئا، انھن عالمي بحرانن مان ھاڻ نڪري چڪا آھن پر برطانيا پنھنجي مسئلن ۾ اڃا تائين گھڻو ڦاٿل آھي.

                 ھِتان جي ميڊيا ۾ ڪڏھن ڪڏھن ته اھڙيون خبرون اچي وينديون آھن، جن کي پڙھي ٻڌي ائين محسوس ٿيندو آهي ته پاڻ ڄڻ پاڪستان ۾ پيا رھون. گذريل سال سيپٽمبر ۾ جڏھن گرمين جي موڪلن کانپوءِ اسڪول کلڻ وارا ھئا ته 174 اسڪولن کي کلڻ کان روڪيو ويو، ڇو ته خبر پئي ته انھن اسڪولن جي تعمير ۾ سستي قسم جو غير معياري مٽيريل استعمال ڪيو ويو آهي ۽ خطرو آهي ته اُھي عمارتون يا انھن جا پلستر چاپڙ ڪِري پوندا، ٻارن کي زخمي ڪري نه وجھن.

2016ع ۾ حڪمران پارٽي ڪنزرويٽو، جنھن کي ٽوري پارٽي چوندا آھن، ڪافي سالن جي مطالبي کي مان ڏيندي ھڪ ريفرنڊم ڪرايو، جنھن ۾ عوام جي سادي اڪثريت يورپي يونين کي ڇڏڻ جي فيصلي جي حمايت ڪئي. اُن سڄي عمل کي بريڪسٽ چيو ويو. جنھن جو مطلب آهي برٽش ۽ ايڪسٽ، يعني برطانيا جو ٻاھر نڪرڻ. ٻاھر نڪرڻ  لاءِ ھڪ مھم ھلائي وئي. جيتوڻيڪ ان وقت جو وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون برطانيا جي يورپي يونين ۾ رھڻ جو حامي ھو پر بورس جانسن، جيڪو لنڊن جو ميئر پڻ رھي چڪو ھو ۽ شھر ۾ اڪيلو سائيڪل تي ھلڻ جي ڪري عوامي ماڻھو سمجھيو ويندو ھو، ان يورپي يونين مان نڪرڻ لاءِ ھڪ زبردست مھم ھلائي ماڻھن جي جذبات سان کيڏڻ جو ھڪ زبردست ڊرامو ڪيو. ڳاڙهي رنگ جي ھڪ وڏي بس تي پُرڪشش جملو لکرايائين ته، “اسين ھر ھفتي 350 ملين پائونڊ يورپي يونين کي فيس طور ادا ٿا ڪريون”. سمجھاڻي طور اُھو دليل ڏنائين ته اُھا ايڏي وڏي رقم آھي، جو اُن مان اسين ھر ھفتي ھڪ نئين اسپتال ٺاھي ٿا سگھون ۽ اُھي پئسا بچائي پنھنجي ملڪ کي ترقي ڏياري ٿا سگھون.اِن نعري ڪافي ڪم ڪيو ۽ ريفرنڊم جو نتيجو اُھو آيو، جو 51.8 سيڪڙو ماڻھن يورپي يونين کي ڇڏڻ جي حق ۾ فيصلو ڪيو. مون کي ياد آھي ته اِن مھم دوران اِن دلفريب نعري جي مخالفت ۾ ڪو به زوردار آواز نه اڀريو پر ڪجھ سالن جي گذرڻ کان پوءِ سڀني مڃيو ته اُھو ھڪ ڪوڙ ۽ ڊرامو ھو، اصل ۾ 350 ملين پائونڊ جو انگ تمام گھڻو وڌائي پيش ڪيو ويو ھو. جيڪڏهن فين جي مد ۾ پئسا ورتا پئي ويا پر ٽيڪسن جي ڇوٽ جي صورت ۾ برطانيا کي اِن کان به وڌيڪ فائدو پئي ڏنائين. ريفرنڊم ۾ يورپي يونين ڇڏڻ جي حق ۾ جن ماڻھن راءِ ڏني، انھن ۾ اڪثريت بزرگن وڏي عمر جي ماڻھن جي ھئي، جيڪي ٻاھرين ماڻھن جي برطانيا ۾ آباد ٿيڻ تي خوش نه ھئا. اُن جي مھم ۾ نسلي متڀيد ۽ اڇي چمڙي وارن جي برتري عقيدو ڪار فرما ھو. يورپي يونين جو ميمبر ھجڻ ڪري برطانيا لاءِ اُھو لازم ھو ته پوري يورپي يونين ايندڙ ماڻھن کي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي رھڻ جي اجازت ڏئي. سو اُن ڪري ملڪ جي وسيلن تي ڪافي بار پئجي رھيو ھو. خاص طور تي صحت جو شعبو گھڻو متاثر ٿي رهيو ھو، ڇو ته برطانيا ۾ ڄمڻ کان وٺي موت تائين ھر ماڻھوءَ جو علاج اسپتالن ۾ مفت ٿيندو آهي، پوءِ ڀلي مريض جي مٿان سرڪار جو ڪيترو به خرچ اچي. اوڀر يورپ جي گھٽ آمدني وارن ملڪن جا ماڻھو جھڙوڪ رومانيا، پولينڊ مفت علاج جون سھولتون حاصل ڪري رھيا ھئا. اِنھن مان ڪجھ ماڻھو ڏوھاري سرگرمين ۾ به ملوث ڏٺا ويا. ان باوجود اوڀر يورپ جي ماڻھن جو ھتان جي معيشت ۾ لاڀائتو ڪارج پڻ، ڇو ته تعميراتي ڪمن ۾ اوڀر جا ماڻھو تمام گھڻا جفاڪش ۽ محنتي آهن. اُن کان علاوه اليڪٽريشن، پلمبر، واڍڪي، رازڪي قسم جي ڪم ڪرڻ لاءِ ٿوري پگھار تي ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويندا ھئا. پر ھاڻي جو بريڪسٽ ٿيو آهي ته اھڙا سستا ڪاريگر ملڪ ڇڏي چڪا آھن، اِن سبب جي ڪري اھڙا ننڍا وڏا ڪم ڪرائڻ تمام گهڻو مھانگو ٿي پيو آهي.

برطانيا، جيڪو جاگرافيائي طور تي ھڪ ٻيٽ آھي، ان جو يورپ کنڊ سان ڪاروبار فرانس جي ذريعي ٿيندو آهي، ڇو ته سمنڊ جو ھڪ ٽڪرو، جنھن کي انگلش چينل چوندا آھن، اِھو پار ڪرڻ کان پوءِ فرانس جو ڪنارو اچي ٿو وڃي. جڏھن برطانيا يورپي يونين جو ميمبر ھو ته جيڪي پناهگير ٻيڙين ذريعي برطانيا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا ته فرانس به اُنھن کي برطانيا وڃڻ کان روڪڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو ھو پر يورپي يونين ڇڏڻ کان پوءِ فرانس جي ڪا به ھمدردي نه رھي. اُن پناهگيرن جي ٻيڙين تي ڪا خاص سختي نه ڪئي، اُن ڪري ھزارين ماڻھو جنھن ۾ شام، عراق ۽ ٻين جنگ متاثر ملڪن جا ماڻھو شامل ھئا، اُھي برطانيا ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. 2020ع کان پوءِ افغانستان جا اھڙا ماڻھو، جيڪي طالبان جا مخالف ھئا ۽ برطانيا جي فوجين جي مدد ڪئي ھئي، انھن کي پڻ ھِتي آباد ڪيو ويو. ڪنھن پراڻي ٺاھ موجب ھانگ ڪانگ جا ھزارين ماڻھو پڻ ھانگ ڪانگ (ھاڻي چين جو حصو) ڇڏي برطانيا ۾ رھڻ لڳا. مٿان وري يورپي يونين طرفان واپار جا ٽيڪس ۽ سھولتون واپس وٺڻ جي ڪري جڏھن سپر مارڪيٽ وڃو ته ڪڏھن ھڪ ٻه مھينا ٽماٽا نظر نه اچن ته ڪڏھن اسٽرا بيريون غائب. تيل جا وڏا ٽينڪر گھڻو ڪري اوڀر يورپ جا ڊرائيور ھلائيندا ھئا. انھن مان گھڻا نوڪريون ڇڏي يورپ جي ٻين شاھوڪار ملڪن جرمني ۽ فرانس ۾ پنھنجي روزگار سان وڃي لڳا. ھتي حالت اِها ٿي ته ڪجھ ھفتن لاءِ پيٽرول پمپن تان تيل غائب ٿي ويو ۽ صورتحال اھڙي ٿي وئي جو فوج مان ٽينڪر ڊرائيور ھنگامي بنيادن تي گھرائي سپلائي بحال ڪئي وئي.

گذريل ڏھن سالن کان برطانيا ۾ رھڻ ڪري ھِتان جي سياست کي ڪجھ سمجھڻ جو موقعو مليو آهي. گذريل 12 سالن کان ھِتي ڪنزرويٽو يا ٽوري پارٽي جي حڪومت آھي، جيڪا تمام گھٽ عوام دوست آهي ۽ سرمائيدارن جي مفادن کي اوليت ڏيندي آھي. عوام جي ڀلائيءَ لاءِ شين يعني تعليم ۽ صحت تي خرچ ڪافي گھٽ ڪيو اٿن. جنھن جي ڪري جڏھن ڪرونا جي عالمي وبا آئي ته سڌريل دنيا جي مثال کي آڏو رکجي ته ھِتي تمام گهڻو نقصان ٿيو. وبا ۾ ھِتي 2 لک، 32 ھزار ماڻھو مري ويا، جنھن ۾ 90 ڊاڪٽر ۽ نَرسون پڻ شامل هئا. جڏھن مارچ 2020ع ۾ دنيا جا تمام گھڻا ملڪ وبا جي ور چڙهي چڪا هئا ۽ لاڪ ڊائون ڪري چڪا هئا ته اُن وقت جي وزير اعظم بورس جانسن جي حڪومت ڄاڻي واڻي ضد ڪيو ۽ لاڪ ڊائون جو حڪم ڏيڻ ۾ ڏھ کان 12 ڏينھن جي دير ڪري ڇڏي. جنھن جو نتيجو اُھو نڪتو جو ڪرونا وبا پنھنجي زور شور سان ھِتي ماڻھن کي ماريندي رھي. حالات اُھي ھئا جو 1500 کان 1800 ماڻھو روزانو مري رھيا ھئا. بي احتياطي، ضد، انا، تڪبر ۽ هٺ ڌرمي جي ڪري ۽ پنھنجي پاڻ کي عقل جو اڪابر سمجھڻ ۽ ماھر ڊاڪٽرن، سائنسدانن جي راءِ کي اھميت نه ڏيڻ سبب وزير اعظم بورس جانسن پاڻ به ڪرونا وبا جو شڪار بڻجي ۽ ڪافي ڏينھن اسپتال ۾ داخل رھيو. ڊاڪٽر وڏي ڪوشش ڪري سندس جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. وبا جي دوران برطانيا حڪومت جي خراب ڪارڪردگي جي تحقيقات اڃا تائين جاري آهي. ان دوران اِھو راز ظاھر ٿيو ته وبا دوران جڏھن پوري ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ھو ۽ پوليس سختيءَ سان ماڻھن کي گھرن تائين محدود ڪري ڇڏيو ھو. ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ ڪافي ماڻھن تي ڳرا ڏنڊ پڻ رکيا ويا ھئا. ڪيئن انھن ڏينھن ۾ بورس جانسن ۽ سندس ساٿي وزير اعظم ھائوس ۾ شراب ۽ پارٽيون اڏائيندا رھيا. ايتريقدر ڳالھ وڌي وئي جو سندس پارٽي خواري کان بچڻ لاءِ پنھنجي ئي وزير اعظم کي لاھي رِشي سناڪ کي وزير اعظم جي عھدي تي ويھاري ڇڏيو، جيڪو اُن وقت ناڻي جو وزير ھو. برطانيا جا ماڻھو رِشي سناڪ مان ڪافي اميدون لڳائي ويٺا ھئا ته ديوان اچي اسان کي معاشي بدحاليءَ مان ڪڍندو پر جيئن جيئن علاج ڪيو ويو، تيئن تيئن مرض وڌندو ويو. ھِن وقت حالت اِها آهي جو ڪافي ويڊيوز ھلي رھيون آھن، جن ۾ ماڻھو ديوان کي سامھون ايندي ڏٺو ته ھوٽنگ ڪيائون ۽ پوري زور سان نعرا ھنيائون ته، “رِشي سناڪ، استعيفا ڏي ۽ گھر ھليو وڃ!” ۽ رشي سناڪ شرمندگي جو مظاهرو ڪندي منھن لڪائي تڪڙو تڪڙو گذري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

(ليکڪ لنڊن جي ڀرسان رھندڙ پروفيشنل ڊاڪٽر ۽ فري لانس  ليکڪ پڻ آھي، جيڪو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ لکندو رھندو آھي.)

[email protected]