هڪ اڀياس … سنڌ گلال – سمبارا کان شاهه لطيف تائين!

0
104
هڪ اڀياس ... سنڌ گلال - سمبارا کان شاهه لطيف تائين!

 رانا محبوب جو سنڌ ياترا تي لکيل ڪتاب 346 صفحن ۽ 27 بابن تي مشتمل آهي. رانا محبوب پنهنجو سفر سيوهڻ کان شروع ڪري سڄي سنڌ گهمي آخر اچي ڀٽائيءَ جي سائي سومار تي ختم ڪري ٿو. رانا محبوب کان اڳ ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ ٽن ٻين اديبن جا سنڌ جي سفر ۽ تاريخ متعلق ڪتاب پڙهڻ جو موقعلو مليو. انهن ۾ صفدر زيدي جو  “بنت ڏاهر”، شهزاد احمد حميد جو “سنڌو سلطنت” ۽ مستنصر حسين تارڙ جو “اور سنڌ بھتا رها” شامل آهن. ‘بنتِ ڏاهر’ ناول آهي، جيڪو محمد بن قاسم طرفان سنڌ فتح ڪرڻ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. انهيءَ ناول ۾ سنڌ جي تاريخ کي غلط رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. مون ‘بنتِ ڏاهر’، جيڪو سنڌيءَ ۾ ‘سنڌ ڪماري’ جي نالي سان پڻ ڇپيل آهي، تي پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو هو ته، “سنڌ جي تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي پويان مخصوص سوچ ۽ نظريو آهي. انهيءَ سوچ هيٺ 1947ع ۾ يو پي ۽ سي پي مان پاڪستان ۾ لڏ پلاڻ ڪرائي وئي ۽ انهيءَ سوچ هيٺ 1948ع ۾ سنڌ ۾ مذهبي فساد ڪرايا ويا. (روزاني ‘پنهنجي اخبار’- 27 نومبر 2022ع) شهزاد احمد حميد جو ڪتاب “سنڌو سلطنت” سفر نامون آھي. اھو سفر ليکڪ پاڪستان جي اثر هيٺ واري ڪشمير مان سنڌو درياهه سا گڏ شروع ڪري، سنڌ ساگر تي ختم ڪيو. انهيءَ ڪتاب ۾ منصف سنڌو درياھ جن علائقن مان گذري ٿو، ان جي تاريخ ۽ جاگرافي پڻ لکي آهي.  ليکڪ جتي انڊس ڊيلٽا جي تباهيءَ تي افسوس ڪيو آهي، اتي ڪالاباغ ڊيم نه ٺھڻ تي پڻ ڏکارو آهي. انهيءَ تي مون لکيو ته انڊس ڊيلٽا جي تباهي تي افسوس ڪرڻ ۽ ساڳئي وقت ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪرڻ،  واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙڻ جي برابر آهي. (روزاني پنهنجي اخبار- 27 مارچ 2022ع).  انهيءَ سلسلي جو پڙھيل ٽيون ڪتاب مستنصر حسين جو  “اور سنڌ بهتا رها”   آهي. اهو سنڌ تي هڪ تحقيقي ڪتاب آهي.  ليکڪ پنهنجي سنڌ ياترا ۾  جڏهن ڪنڊيارو شهر کي ويجهو ڳوٺ تنيو بقا شاهه ۾ صوفي مشتاق سان، جنهن 1988ع ۾ شيطان جو عرس ملهايو هو، ملي ٿو ته هو سنڌ جي رواداريءَ کان متاثر ٿي اهو لکڻ تي مجبور ٿيو ته جيڪڏهن صوفي مشتاق سنڌ کان ٻاهر هجي ها ته هن جي ڳالهين ڪري اڄ هو مون سان ملڻ لاءِ جيئرو نه هجي ها. “ليکڪ” سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڪجهه حقيقت کان پري ڳالهيون لکيون آهن. انهيءَ ڪتاب تي تبصرو ڪندي مون اهو  لکيو ته، “اسان جي غير سنڌي دانشورن جو اهو الميو آهي جو اهي دنيا جي علم، ادب ۽ تاريخ متعلق جيتري ڄاڻ رکن ٿا، ان جي ڪنهن به حصي جيتري ڄاڻ سنڌ جي ادب ۽ تاريخ متعلق نٿا رکن. (روزاني پنهنجي اخبار- 31 آگسٽ 2023ع). شهزاد احمد حميد ۽ مستنصر حسين تارڙ سنڌ ۾ جتي به ويا آهن، اتي مقامي اديبن يا ساڃاهه وندن سان نه مليا آهن. ان جي ابتڙ رانا محبوب جتي به ويو آهي، اتان جي مقامي اديبن ۽ دانشورن سان مليو آهي. انهن کان مليل احوال ۽ زميني حقيقتون ڪتاب ۾ شامل ڪيون اٿس.

ڪتاب جي مهاڳ/پيش لفظ ۾ ڊاڪٽر غلام اصغر خان لکيو آهي ته، “شاهه عنايت جو نظريو مارڪس جي انقلابي نظريي کان هڪ سئو سال پهرين آهي.” اها حقيقت آهي ته شاهه عنايت گڏيل پوکي راهي جو نظريو ڏنو، جيڪو “جو کيڙي سو کائي” جي  نعري هيٺ مشهور ٿيو ۽ آهي. افسوس جو شاهه عنايت جي شهادت سان سندس نظريو بنا نتيجي ڏيڻ جي دفن ٿي ويو. ڊاڪٽر غلام اصغر خان سنڌي ماڻهن جي ذاتين جي حوالي سان لکيو آهي ته سنڌي ماڻهو ڌنڌي جي حوالي سان ذات سڏائڻ يا واقفيت ڪرائڻ ۾ عيب نٿا ڀائين. انهيءَ کان متاثر ٿي هن لکيو آهي ته، “سنڌ اخلاقي سطح تي باقي هندستان کان مٿانهين درجي تي آهي.

رانا محبوب پنهنجي طرفان ‘ابتدائيه’ ۾ لکيو آهي ته سندس ڪتاب جي ڪٿا ۾ لاڙڪاڻي ۽ جهوڪ جي شهيدن ۽ مقامي سورمائن جو وهايل رت شامل آهي. اها حقيقت آهي ته جهوڪ واري جنگ ۾ ٽيهه هزار فقيرن پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو، ساڳئي طرح لاڙڪاڻي ۾ ڳڙهي خدابخش جو مقام سياسي شهيدن، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ابدي آرام گاهه آهي. انهيءَ کانسواءِ سنڌ ۾ هڪ ٻيو به شهيدن جو مقام سن ۾ پڻ آهي. ليکڪ سنڌ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي لکيو آهي ته سنڌو ماٿريءَ ۾ شهادت جي ثقافت کي قتل جي ثقافت تي برتري حاصل آهي. هن اهو به لکيو آهي ته موهن جو دڙو، ڀٽ شاهه ۽ سن سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جا مرڪز آهن ۽ لاڙڪاڻو پاڪستاني سياست جو مرڪز آهي. اها حقيقت آهي ته لاڙڪاڻو پاڪستاني سياست جو مرڪز آهي، پر سن سنڌ جي تهذيبي ۽ تمدني مرڪز سان گڏ سنڌ جي قومي سياست جو مرڪز پڻ آهي. خبر نه آهي ته پاڪستاني دانشور اها ڳالهه سرِ عام چوڻ کان ڇو لهرائين ٿا.

ليکڪ سنڌ ياترا ۾ حيدرآباد ۾ رات رهڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته هن کي پلي کائڻ جي خواهش ٿي، پر پلو ناپيد ٿيڻ ڪري صرف ان جو ذائقو ياد ڪندي ان کي بنگال ۾ کاڌل مڇي ياد آئي. بنگالين کي ياد ڪندي لکي ٿو ته، “اسان خوبصورت بنگالين کي بکيا بنگالي سڏيندا هئاسين ۽ انهن جي زبان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيوسين، جڏهن ته بنگالي برصغير جي واحد زبان آهي، جنهن جي ليکڪ ٽئگور کي 1913ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو هو. هنن جي اڪثريت کي ختم ڪري ون يونٽ مڙهيو ويو. اها Subcontinental Stupidity  جي ڪرامت هئي. آخر بنگالي رت جي درياهه مان لنگهي، آزاد ٿي ويا. اسين اڄ به رات جا داغ ڌوئون ٿا پر پنهنجي احمقانه خود پسنديءَ مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون.” اها حقيقت آهي ته حسين شھيد سهروردي ۽ جي ايم سيد جي ڪوششن سان مسلم ليگ چونڊن ۾  بنگال ۽ سنڌ اسيمبلي ۾  کٽيو هو، جڏهن ته پنجاب ۽ موجوده خيبر پختونخوا ۾  هارايو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ انهن ٻنهي اڳواڻن سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو تاريخ جو حصو آهي. ٻئي طرف جڏهن قائداعظم ڊاڪا ۾ وڃي بنگالي ٻوليءَ کي نظرانداز ڪندي اردو ٻوليءَ کي واحد قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته ان تي بنگال ۾ ڀاشا آندولن شروع ٿي ۽ 21 فيبروري 1952ع تي ڍاڪا يونيورسٽي مان نڪتل جلوس تي پوليس فائرنگ ۾ چار بنگالي شهيد ٿيا. انهن بنگالين جي شهادت رنگ لاٿو ۽ 1999ع ۾ اقوام متحده طرفان 21 فيبروري کي عالمي سطح تي “مادري ٻولين جو ڏينهن” ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ون يونٽ ٺاهڻ ۾ ڪنهن جو هٿ هو ۽ ون يونٽ ٺهڻ ۾ ڪنهن کي فائدو ٿيو، انهيءَ لاءِ ڪنهن به راڪيٽ سائنس جي ضرورت نه آهي. اصولي طرح جيڪا به ڌر انهيءَ قدم مان فائدا حاصل ڪري، اها ئي انهيءَ قدم جو محرڪ هوندي آهي. ون يونٽ ۾ ته سنڌ کي تمام گهڻو نقصان ٿيو. سنڌ جو پاڻي وڪيو ويو، سنڌ جون زمينون فوجين ۽ غير حاضر ڌارين زميندارن ۽ پنجاب جي ماڻهن ۾ ڀڳڙن مٺ تي ورهايون ويون. اهڙي طرح اولھ پاڪستان ۾ شامل ٻين ننڍن صوبن کي پڻ نقصان پهتو. ون يونٽ ٺاهڻ جي پويان اهي قوتون آهن، جن تازو ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ليکڪ جو ون يونٽ مڙهڻ ۽ بنگال ۾ رت جي هولي کيڏڻ لاءِ اولھ پاڪستان جي سڀني ماڻھن کي ذميدار قرار ڏيڻ مناسب نه آهي.

ليکڪ، ڀٽائيءَ جي درگاهه تي وڃي، اتان جي روادار ماحول کان متاثر ٿي لکيو ته، “ڀٽ، شاهه  لطيف جي سلطنت آهي، جتي پاڪستان جي هڪ هٽي، جبر، يڪسانيت ۽ هم رنگي، جنون ۽ پاڳل پڻي جي ابتڙ، تڪثريت، ۽ آزادي جو راڄ آهي. هتي سني، شيعا گڏجي نماز ۽ نفل پڙهن ٿا، ڏينهن رات ڳائڻ وڄائڻ هلندو رهي ٿو، اهڙي ڪا به ‘آزاد رياست’ پوري دنيا ۾ ڪٿي به موجود نه آهي. لطيف جي مزار تي مسجد ۾ هڪ ڀيل خاندان جنهن سڪون سان سمهي ٿو، اهڙو سڪون هن کي شايد پنهنجي گهر ۾ به نصيب نه ٿيندو هوندو” (صفحو 290). اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ مذهبي رواداري تمام گهڻي آهي. سنڌ ۾ جهوڪ جي مقام ۾ گنجِ شهيدان سان گڏ، سچل جي درگاهه جي آڳنڌ ۾ هندن جون قبرون آهن. سنڌ جي انهيءَ رواداريءَ ۾  ملڪي سياسي وايومنڊل ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي ڪري تبديلي اچڻ شروع ٿي آهي. ڀوري ڀيل جو واقعو اسان لاءِ شرمساري جو باعث آهي.

مجموعي طرح هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي هڪ اهم دستاويز جي حيثيت جو حامل آهي. ڪتاب جو هر باب، ٻئي باب کان وڌيڪ اهم آهي. اها هڪ سٺي ڳالهه آهي جو پنجاب جي  اديبن ۽ دانشورن سنڌ جي زميني حقيقتن جانچڻ لاءِ سنڌ جو رخ ڪيو آهي. ٻين قومن سان تعلق رکندڙ اديبن ۽ دانشورن کي گذارش آهي ته سنڌ صرف سنڌ جي پراڻي تاريخ جي ڳولا ۾ نه اچن پر موجوده سنڌ سان تاريخ ۾ ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪرڻ لاءِ پڻ پنهنجن لکڻين کي استعمال ڪن.

آخر ۾ آئون ليکڪ جي انهيءَ لکڻي سان ٿورو اختلاف رکندي به ٿورائتو آهيان جو پنجاب مان به ڪو آواز سنڌ جي موقف جي حمايت ۾ اٿيو آهي. ليکڪ صفحي 86 تي لکيو آهي ته، “اسين آمري پل تي بيهي سوچيون ٿا ته اسين درياهه وڪڻڻ واري قوم آهيون. ستلج، راوي ۽ بياس درياھ وڪڻي ڇڏيا، سنڌو درياھ کي ڊيمن ۾ قيد ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن سنڌو سڪي ويو ته پوءِ سنڌ جي تاريخ ڪتابن ۾ دفن ٿي ويندي. ڪالا باغ ڊيم سنڌ سڪائڻ جو منصوبو آهي.” دريائن وڪڻڻ جي ڏوهه ۾ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ شريڪ نه آهي.