ايران- اسرائيل جنگ ڪنهن جي به حق ۾ ناهي

0
22
ايران- اسرائيل جنگ ڪنهن جي به حق ۾ ناهي

  “اسان جو ملڪ معمولي ڪارروائيءَ تي به ‘شديد، جامع ۽ دردناڪ’ ردِ عمل ڏيندو.” اهي ڳالهيون ايراني صدر ابراهيم رئيسي، قطري امير شيخ تميم بن حماد التهاني سان فون تي ڪيون. بعد ۾ ايراني صدر ۽ قطري امير جي اها ٽيليفونڪ گفتگو ‘الجزيره’ رپورٽ ڪئي. ايراني صدر جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان ڀريل گفتگو مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن جنگ جو پڪو ارادو ڪري ورتو آهي ۽ هو هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. اهي ڪروڌ سان ڀريل ڳالهيون صرف ايراني قيادت جون نه پر اتان جا ماڻهو پڻ ڪن ٿا. “اسان جنگ ڏانهن ڌِڪيا وياسين ته ان جو مطلب سوين سال پوئتي ٿيڻ هوندو، پر جيڪڏهن جنگ مسلط ڪئي وڃي ٿي ته تيار آهيون.” سينٽرل تهران جي هڪ مارڪيٽ ۾ فروٽ کپائيندڙ امير حسين الياسي ‘گارجين’ سان ڳالهائي رهيو هو. جنگ بابت اهي خيال رڳو امير حسين جا ناهن پر گهڻا ايراني شهري لڳ ڀڳ ساڳي سوچ رکن ٿا! نفسياتي طور اها پڻ ڪڙي حقيقت آهي ته ڪيترن ڏهاڪن کان جنگ جي حالت ۾ رهڻ ڪري ايران جي ماڻهن جا رويا به جارحاڻا ٿي ويا آهن، اتي مسلسل ذهني دٻاءَ ۽ خبرن جي ڪري گهڻا ماڻهو نفسياتي پيچيدگين ۾ پڻ مبتلا ٿي رهيا آهن ۽ چاهين ٿا ته هاڻي گهڻو ٿي ويو، هڪ هڪاڻي ٿيڻ گهرجي. اتي ڪجهه ماڻهو ان سوچ جا به آهن ته اصل ۾ آمريڪي هنن جي دماغن سان کيڏن پيا، ڄاڻي ٻجهي اهڙيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، جنهن سان ايران جو عوام توڻي سرڪار ڪاوڙ جي حالت ۾ رهي ۽ غلطيون ڪري.

اسرائيل جي دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي حملي جي جواب ۾ ايران طرفان اسرائيل تي ڊرون ۽ ميزائل حملي کان اڳ ايران ۾ ڪجهه حالتون بهتر هيون، حالانڪه جنگ جي لاڳاتار خطري ۽ ڌمڪين جي باوجود ايران جا شهري پنهنجي معمول جي زندگي برقرار رکيو اچن. جيتوڻيڪ معاشي پابندين هنن جي زندگيءَ ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو آهي. هو محسوس ڪن ٿا ته ڪيترائي ڀيرا هنن جي ملڪ جي آمريڪا سان جنگ ٿيندي ٽري آهي. مثال طور ڪجهه سال اڳ جڏهن خبطي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ ايران مٿان جاسوسي جي الزام هيٺ هڪ ڊورن ڪيرايو ويو هو ته حالتون جنگ جي نهج تي پهچي ويون هيون. ان وقت به ايراني سمجهن پيا ته اهو جاسوسي ڊرون هنن جي ملڪ مان معلومات گڏ ڪرڻ آيو هو؛ ان ڪري پاسدارن انقلاب پاران ان کي ڪيرائڻ جو فيصلو بلڪل درست هو. امير حسين الياسي جي ويجهو هڪ ٻيو دڪاندار محمد نامي ريزڪي دڪان هلائي ٿو. هن جي بقول ته، “اسرائيل، دنيا جو امن برباد ڪندڙ معصوم فلسطينن جو قاتل ملڪ آهي، جنهن جو مقصد اسان جي ملڪ کي تباهه ڪرڻ پڻ آهي، پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. جيڪڏهن جنگ ٿئي ٿي ته ايراني فوجين سان گڏ مان به جنگ ۾ حصو وٺندس…”

دنيا جي مختلف خابرو ادارن جي رپورٽن موجب اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ کان اڳ به ايران سخت معاشي پابندين کي منهن ڏئي پيو، جنهن ۾ گهڻو متاثر ملڪ جو وچولو طبقو آهي. هو سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي پيو. هڪ پاسي شين جي کوٽ وڌي رهي آهي ته ٻئي پاسي ايراني ڪرنسي ريال جي ويليو (قدر) 60 سيڪڙو گهٽ ٿي وئي. ان جو مطلب جيڪو نظر به اچي پيو ته جاري ڪشيدگيءَ جي ڪري ايراني ڏوڪڙن جي ڪا به حيثيت ناهي رهي. جنهن جو سڌو اثر عام شهرين تي پئجي رهيو آهي آهي.

اسلام ڪريمي، تهران يونيورسٽي ۾ سماجيات جو پروفيسر آهي. هن جي بقول ته، “اسرائيل کي ان جي ٻوليءَ ۾ جواب نه ڏيڻ مان مطلب ته ڪو شخص مسلسل توهان جي ڳلن تي ٿڦ هڻي پيو ۽ توهان بيوس لاچار ٿي ان جي اڳيان بيٺا آهيو. گهٽ ۾ گهٽ ايراني ماڻهو ائين نه چاهيندا، ان ڪري جيڪڏهن وري اسرائيل طرفان حملو ٿئي ٿو ته اسان سڄي دنيا ۾ يهودين ۽ ان جي اتحادين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏينداسين! مان اهو پهريون شخص هوندس، جيڪو اسرائيل جي وجود خلاف جنگ جي ميدان ۾ هوندس. هنن اسان جو جيڪو نقصان ڪيو آهي، ان کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن. هاڻي انهن جو وارو آهي.” اسلام ڪريمي، جنهن جي عمر 55 سال آهي، ڳالهائيندي جذباتي ٿي وڃي ٿو. هن جا ڳل ڳاڙها ٿي وڃن ٿا ۽ ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳي ٿو.

هڪ پاسي ايراني پروفيسر جا جذبات آهن ته ٻئي پاسي رضا هاشمي آهي، جنهن ويجهڙائيءَ ۾ ئي فوجي سروس پوري ڪئي آهي. رضا جو بنيادي تعلق ايران جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان آهي، جيڪو اتر- اوڀر جي علائقي ۾ موجود آهي، پر هو هاڻي تهران ۾ ئي رهي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته، “ايراني گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جنگي حالتن ۾ جيئن پيا. جيڪڏهن وري اسرائيل حملو ڪيو ته اها ان جي غلطي هوندي. اسان جنگ ۾ خوش ناهيون، پر ملڪ ۾ جاري حالتن کي ڏسي جنگ کي اهميت ڏينداسين.”

اسرائيل تي ڊرون حملي کانپوءِ جيتوڻيڪ ايران جو مؤقف آهي ته ‘حساب برابر، معاملو ختم سمجهيو وڃي’ پر دنيا جي موجوده حالتن ۽ جنگي حڪمت عملين تي نظر رکندڙ ماهرن جي راءِ الڳ آهي. هنن موجب اسرائيل خاموش نه ويهندو. موجوده اسرائيلي سرڪار کي تاريخ جي سڀ کان سخت گير حڪومت قرار ڏنو پيو وڃي. هيءَ اها حڪومت آهي، جنهن حماس طرفان حملي کانپوءِ چند ڪلاڪن اندر ڪارروائي ڪري ڇهه مهينن اندر هزارين فلسطينن کي شهيد ڪري ڇڏيو، اهي ڪارروايون اڃا به جاري آهن. ان وڏي پئماني تي قتلام کانپوءِ به اسرائيل کي ڪا به ندامت محسوس نه ٿي آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ٿه هو ايران خلاف ائين ئي خاموش ٿي نه ويهندو. ان کان اڳ اسرائيلي ڪابينا جو اجلاس جنهن ۾ پلاند جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، پڻ هڪ قسم جو جنگي اعلان آهي. انهيءَ حوالي سان اسرائيل جو وڏو حامي آمريڪا پڻ خاموش نه ويهندو. آمريڪي جنگي ٻيڙا جنگ جي مڪمل تياريءَ سان نار جي علائقي ۾ موجود آهن. ٻئي طرف اسرائيل طرفان ايران تي لڳاتار اقتصادي پابندين کي اڃا به سخت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير جو بيان پڻ اهم آهي، جنهن ۾ هن ايران جي ‘پاسداران انقلاب’ ۽ ميزائل پروگرام تي مڪمل پابنديءَ جو مطالبو ڪيو آهي. ان کان اڳ يورپ ۽ آمريڪا جو اهو خيال رهندو پيو اچي ته ايران تي لاڳاتار سخت پابندين جي نتيجي ۾ ايراني عوام، حڪومت جي خلاف ٿي بيهندو، جڏهن ته آزاد تجزيه نگار ان مؤقف سان سهمت ناهن. انهن جي بقول، ايراني قوم کي اهڙي طرح نه ٿو هارائي سگهجي. هنن جي مٿان جيتريون پابنديون سخت ڪيون وينديون، اوترو هو آمريڪا، اسرائيل ۽ ان جي اتحادين کان نفرت ڪندا ۽ نفرت جو انجام سدائين هڪ وڏي خونريزي تي ٿئي ٿو.

ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڳنڀير حالتن جي ڪري جتي سڄي دنيا پريشان آهي، اتي ان جا پاڙيسري ملڪ به ان ڳالهه جو ادراڪ رکن ٿا ته هيءَ جنگ ڪڏهن به ڪنهن جي فائدي ۾ نه ويندي. ان ڪري دنيا مان هاڻي کان ئي اپيلون شروع ٿي ويون آهن ته ڪنهن به طرح ڪشيدگيءَ کي گهٽايو وڃي. حالتون ڪهڙيون به هجن، پاڻ ڄاڻون ٿا ته جنگ ڪڏهن به مسئلن جو حل ناهي هوندي. جنگ خود هڪ وڏو مسئلو آهي. دنيا اڳي ئي روس ۽ يوڪرين جي جنگ جا نتيجا دنيا ۾ ڀيانڪ مهانگائيءَ جي صورت ۾ ڏسي رهي آهي، جيڪڏهن اسرائيل ۽ ايران جنگ باقاعده شروع ٿئي ٿي ته ان جا سڌا اثر سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيندا ۽ شايد پوءِ ان کي ڪير روڪي نه سگهي. ڀلي ٻنهي ملڪن جو عوام هن وقت جنگي جنون ۾ مبتلا نظر اچي ٿو. پر موجوده حالتون ڪنهن جي به حق ۾ ناهن.