‘ڪارنهن’ جي الزام ۾ قتل جا وڌندڙ واقعا

0
20
بارداني جي شفاف ورهاست ۽ بيوس بڻيل سنڌ انتظاميا

سنڌ ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ عورتن (توڙي ڳڀرو نوجوانن) کي قتل ڪرڻ وارو ڪڌو عمل پڄاڻيءَ تي پهچي نه سگهيو آهي. شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جنهن ڏينهن اهڙي ڪا المناڪ خبر نه ايندي هجي. اهڙيون ئي دل کي ڌوڏيندڙ ڪجهه خبرون ڪالهوڪي “پنهنجي اخبار” ۾ پڻ رپورٽ ٿيون آهن. سنڌ محبت ۽ امن، سک ۽ سلامتي، سانت ۽ سڪون جو ديس رهيو آهي. قديم تاريخ ۾ سنڌ جي سڃاڻپ اعليٰ قدرن ۽ روشن روايتن واري ديس واري رهي آهي. سهپ ۽ رواداري، احساس ۽ انسان دوستي جي حوالي سان هن ساڻيهه جي الڳ شناخت رهندي آئي آهي پر هاڻي هي ديس ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ڀوتارن، ڌنڌوڙي سردارن ۽ ڏوهن کي معيشت بڻائيندڙ ماڻهن جي ڪري مقتل گاهن ۾ بدلجندو وڃي. سڄو سماج  بيحسي جي رڻ ۾ بدلجي ويو آهي ۽ هن بي رحمي ۽ انساني دشمنيءَ خلاف اٿندڙ آواز به ماٺا ٿي ويا آهن. انساني حقن توڙي عورتن جي حقن جي حوالي سان پتوڙڻ جا دعويدار ادارا به خاموشي جي چادر اوڍي سمهي پيا آهن. بي رحمي واري هڪ رت جي راند آهي، جنهن جو انت ٿيندي نظر نه پيو اچي.

سنڌ ۾ “غيرت” جي نالي ۾ قتل جاري آهي ۽ بيحسي اها آهي ته اسان وٽ اڄ به ان کي ‘رسم’ سمجهيو ٿو وڃي؛ ‘ڪارو ڪاريءَ جي رسم’. جڏهن هڪ انسان جي قتل کي رسم سمجهيو ويندو ته ان مان اهو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته، اسان وٽ انساني حقن جو تصور ڪهڙو هوندو! هن مردار، ڌپ- هاڻي ڀوتارڪي بالادست سرشتي ۾ عورت وڌيڪ ظلم جو شڪار ٿئي ٿي. هتي رياست به عورتن جي حقن ۽ حياتين جي تحفظ واري ذميواري پوري ڪري نه سگهي آهي. عورتن جي تحفظ لاءِ نه انهن کي قانون جي اوٽ ۽ اجھو ميسر ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري عورتن جي تحفظ جي حوالي سان قانونن تي عمل ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ اڄ به عورت خوف ۽ ڏهڪاءُ جي ماحول ۾ هر ساهه ڳڻي گذاري ٿي. هر وقت غيريقينيءَ وارين حالتن ۾ زنده رهي ٿي ته ڪٿي ڪا ڪهاڙي يا ڪا بندوق ان جي تعاقب ۾ ته ڪانهي!

اسان جا حڪمران پاڻ کي دنيا ۾ روشن خيال ظاهر ڪرڻ لاءِ عورتن جي حقن ۽ تحفظ جي حوالي سان قانون سازي ته ڪرائين ٿا پر انهن قانون تي عمل نٿو ٿئي. ايتري قدر جو اڪثر ڪيسن ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿيندڙ عورتن جي ايف آءِ آر به رياست جي مدعيت ۾ نٿي ڪاٽي وڃي. اُن ئي گھر جو، ڪٽنب جو ڪو فرد ايف آءِ آر ڪٽرائي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي شاهديون ختم ٿي وڃن ٿيون، بيان بدلايا وڃن ٿا ۽ خون لڙهي ٿو وڃي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اڄ به سنڌ ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ قتل يا ڪارو ڪاري جو الزام هڪ منافعي بخش ڪاروبار بڻيل آهي. ڪو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ بيگناهه نياڻيءَ کي قتل ڪري ۽ ڳوٺ يا پاڙي جي ڪنهن نوجوان کي، پنهنجي برادري يا ٻي برادريءَ جي ڪنهن شخص کي ‘ڪارو’ قرار ڏئي فيصلي لاءِ ڇڪي ۽ چوي ته هي اسان جو ‘ڪارو’ آهي، يا ڏنڊ ڏئي يا مرڻ لاءِ تيار ٿئي! ان سڄي سرشتي کي هلائيندڙ ڀوتارڪو آڪٽوپس، جنهن سڄي سماج کي جڪڙي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي، اهو جرڳن لاءِ تيار ويٺو هوندو آهي، انهن جرڳن ۾ سر جي قيمت ۽ عصمت جو اگهه لڳايو ويندو آهي، نياڻيون سڱ چٽيءَ ۾ ڏنيون وينديون آهن ۽ انهن ڀوتارن تڪڙي انصاف جي نالي ۾ نام نهاد انصاف جو هڪ متوازي سرشتو جوڙي ورتو آهي، جنهن ۾ اهي ججن جا اختيار استعمال ڪندي پاڻ ئي سزا ٻڌائين ٿا ۽ ان تي جبري طور عمل ڪرايو وڃي ٿو. جيستائين اهو جرڳن جو سلسلو بند نه ٿيندو، تيستائين سنڌ ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ ٿيندڙ قتل به بند نه ٿيندا.

سنڌ ۾ ڪارنهن جي الزامن ۾ قتل جي وڌندڙ واقعن تي اسان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اها گهر ٿا ڪريون ته رياستي قانون تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. ڪارنهن جي الزام هيٺ ٿيندڙ قتل جي ايف آءِ آر رياست جي مدعيت ۾ ڪاٽي وڃي. عورتن جي پناهه گاهه طور هر ضلعي ۾ شيلٽر هائوس قائم ڪيا وڃن. سنڌ ۾ جرڳن تي عدالتي پابندي واري حڪم تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي.