پٿورو (ن پ ا) پٿورو ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين برساتي پاڻي  نيڪال نه ٿيڻ ۽ من پسند ماڻهن کي رليف ڏيڻ  خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي سليم چانڊيو، گلزار چانڊيو، دريا خان، مانو ڪولھي ۽ ٻين چيو ته سندن ڳوٺن ۾ گذريل ٽن مھينن کان برساتي پاڻي بيٺل آهي، ڪچا گهر ڪري پيا آهن ۽ چوپايو مال مري ويو آهي، هنن چيو ته هن وقت تائين ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا انتظاميا  سار نه لڌي آهي، جنهن ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، هنن چيو ته بااثرن پنهنجيون زمينون بچائڻ خاطر اسان کي ھٿ سا ٻوڙيو آهي، هاڻي پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڪڍرائي مسئلو حل ڪيو وڃي،