خيرپور (رپورٽر) اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري ۽ ڪوٽڏيجي سميت 6 ڪامورن خلاف عدالت ۾ درخواستون داخل. خبر موجب خيرپور ۾ سيشن جج خيرپور جي عدالت ڪوٽڏيجي جي وڪيل علي احمد رند ۽ ڪنگري جي ڳوٺاڻي نثار احمد ميتلو طرفان عملدارن طرفان رشوت ۽ روينيو کاتن ۾ مبينا هيراڦيري ڪرڻ جي الزامن هيٺ داخل ڪرايل درخواستن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي الزام هيٺ آيل عملدارن اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري علي گوهر مهيسر، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي عاصم علي عباسي، مختيارڪار ڪوٽڏيجي نظير احمد مهر، مختيارڪار ڪنگري غلام شبير ڪلهوڙو، تپيدار ثناءُ الله ميتلو ۽ تپيدار امداد علي ڪانڌڙو خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.