پٿورو ڀرسان نوجوان وڻ ۾ رسو ٻڌي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

0
231

پٿورو(ن پ ا) پٿورو ٿاڻي جي حدڳوٺ ڏاهري فارم ۾ 18 ورهين جو نوجوان سارنگ جوڻيجو گھر ٻاھران بيٺل ديوي جي وڻ ۾ رسو وجھي ڦاھو کائي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي آھي، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پٿورو منتقل ڪيو ويو آھي، واضح رهي ته گذريل ٻن مهينن جي عرصي دوران پٿوري تعلقي جي مختلف علائقن ۾ 20 کان وڌيڪ خودڪشين جا واقعا ٿيا آھن جن ۾ اڪثر بک، بدحالي ۽ گهرو اڻبڻت سبب ٻڌايا وڃن پيا.