سکر (بيورورپورٽ) سينئر وڪيل شبير شر پاران جرڳن خلاف ڪنٽيپٽ آف ڪورٽ جي درخواست تيار ڪري ورتي آھي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آھي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 2004ع ۾ سندس ئي درخواست تي جرڳن تي پابندي لڳائي چڪي آھي. ڇو ته اهو متبادل عدالتي نظام آھي جنهن جي آئين ۾ گنجائش ناهي. درخواست موجب سنڌ جي وڏي وزير جو ميڊيا تي بيان سامهون آيو آھي ته ڀوتارن کي جرڳن جا اختيار هوندا، اهو بيان ڪورٽ سڳوري جي ڏنل فيصلي جي توهين آھي ان ڪري ان فيصلي آڌار وڏي وزير کان وضاحت ورتي وڃي ۽ ان فيصلي تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. شبير شر موجب اها درخواست سومر تي سنڌ هاء ڪورٽ سکر ۾ داخل ڪرائي ويندي.