دادو (رپورٽ : فتاح شيخ) دادو بار جي ميمبر وڪيل غلام نبي لاشاري جتوئي ۽ شاهاڻي برادري وچ ۾ ٿيل جرڳي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي ، وڪيل غلام نبي لاشاري سيڪشن 22 ، اي بي تحت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو جي عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ پي پي ايم اين اي رفيق احمد جمالي ، سردار مير منظور پنهور ، سردار ابراهيم جتوئي ، جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي ، ايم پي اي مسرور احمد جتوئي ، عابد حسين جتوئي ، سردار چاڪر خان شاهاڻي ، ڊي آء جي حيدرآباد ، ڊي سي دادو ، ايس ايس پي دادو ۽ 10 ، اڻسڃاتلن کي ڌر بڻايو آهي ته مٿين مختلف برادرين جي سردارن ڪيٽي جتوئي ۾ قتل ڪيل ٻن ڳوٺاڻن منٺار علي جتوئي ۽ طالب حسين شاهاڻي جي قتل کي لئه مٽ ڪرڻ لاء جرڳو ڪيو آهي ، جيڪو 1973، جي آئين جي آرٽيڪل نمبر 5 جي خلاف آهي. ان ڪري ٻن ڳوٺاڻن قتل بابت ڪيل جرڳو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪاروائي ڪري ٻنهي ڳوٺاڻن جو قتل ڪيس عدالت ۾ هلائي مقتولن جي وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي ، اهڙي داخل ڪيل درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو جي عدالت ڊي آء جي حيدرآباد ، ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ ۽ ڊي سي دادو سميع الله شيخ کي نوٽيس جاري ڪندي 5 ، آگسٽ تي رپورٽ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا. واضح رهي ته فصل جي ڀيل ۽ مينهن جي چوري تان 10 جولاء تي ڪيٽي جتوئي ۾ فائرنگ ۾ شاهاڻي برادري جا 2 ڳوٺاڻا منٺار ۽ طالب حسين شاهاڻي جي قتل کانپوء جتوئي ۽ شاهاڻي برادرين ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو هو، جنهن کانپوء مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جي ٽياڪڙي کانپوء 27 جولاء تي ڌرين ۾ پي پي ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي بنگلي تي مير منظور پنهور جي سرپئچي ۾ جرڳو ٿيو هو.