ڪورونا صورتحال، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت

0
187
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

شاهد ميراڻي ڪراچي مان لکي ٿو

سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، صوبي جو گادي وارو شهر ڪراچي ته ڪورونا جي اهڙي گهيري هيٺ اچي ويو آهي جتي گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪيسن ۾ حيرت انگيز واڌ ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ روزانو اڍائي هزار کان وڌيڪ ڪورونا ڪيس پازيٽو اچي رهيا آهن، سنڌ سرڪار ڪورونا جي واڌ سبب اڄ کان 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،
لاڪ ڊائون سڄي سنڌ ۾ هوندو، وڌيڪ سخت لاڪ ڊائون ڪراچي ۾ ٿيندو، لاڪ ڊائون ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهندا، هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين ٽرانسپورٽ بند رهندي، سرڪاري آفيسون بند رهنديون، صرف کاڌي پيتي جي شين جا دڪان کليل رهندا، ميڊيڪل اسٽور، اسپتالون کليل رهنديون، هوٽلن تي به صرف هوم ڊليوري جي اجازت هوندي، ٽيڪ اوي به بند هوندي، شادي هال، مزارون، تفريح ماڳ بند رهندا، شهرن اندر رڪشا ۽ ٽيڪسي جي ان شرط تي اجازت هوندي ته ان ۾ سوار ماڻهو ويڪسين لاءِ سفر ڪري رهيا آهن، پوليس روڊن تي ايندڙ ماڻهن کان ويڪسينيشن ڪارڊ چيڪ ڪندي، وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير جي صدارت ۾ ٿيل صوبائي ٽاسڪ فورس اجلاس ۾ چيو ويو ته ڊيلٽا وائرس جي ڪري صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي، خاص طور ڪراچي ۾ صورتحال تي ضابطو نه آندو ته صحت جو نظام ويهجي ويندو، اسپتالن ۾ گنجائش نه رهندي، اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڄ ڇنڇر ڏينهن کان 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن فيصلي کان اڳ به ڪجهه هدايتون جاري ڪيون ويون هيون پر اصل مسئلو اعلانن بدران عمل جو آهي.اڳ ۾ به سنڌ حڪومت پاران ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي کي روڪڻ لاءِ ڪاروباري هنڌن جي ٽائيم مختص ڪرڻ سان گڏوگڏ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سماجي وٿيءَ سان سفر ڪرڻ وارين لاڳو ڪيل ايس او پيز جا نوٽيفڪيشن ته جاري ڪيا ويا پر ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ شروعاتي ڏينهن کان وٺي سنڌ سرڪار لاءِ چئلينج بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته رڳو ڪراچي شهر جي مارڪيٽن، روڊ رستن، ٽرانسپورٽ کان ويندي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري آفيسن ۾ ايس او پيز تي ذري برابر به عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي، سرڪاري سطح تي رڳو ايس او پيز طئه ڪرڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا وڃن ٿا، ڪاغذي ڪارروايون به ڪيون وينديون آهن، ڪڏهن ڪاررواين جا فوٽو سيشن ته ڪيا ويندا آهن پر پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙ مسافرن ۾ جيڪڏهن سماجي وٿيءَ واري ايس او پيز کي ڏٺو ويندو ته سرڪار جون سڀ اهي دعوائون پَٽ پڌريون ٿي وينديون. پر سرڪار رڳو پابندين ۽ ايس او پيز جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان اڳتي قدم به نه ٿي کڻي سگهي. شهر ۾ هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ مسافرن کي ماسڪ کان سواءِ سفر جي اجازت ئي ناهي ڏيڻي، هڪ سيٽ ڇڏي ٻي سيٽ تي مسافر کي ويهارڻو آهي، سينيٽائيزر جو بندوبست ڪرڻو آهي، پر بسن جي حالت ڏسڻ مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سرڪار رڳو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ تائين ئي سنجيده آهي! مسافرن کي ماسڪ لازمي ۽ سينيٽائيزر ڏيڻ ته ٺهيو پر جنهن ريت بسن جي اندر ۽ ڇتين تي انهن کي ويهاريو وڃي ٿو اهو عمل پڻ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ جو سبب بڻجي ٿو. ڪورونا جي چوٿين لهر کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي، ان کي مڃي به سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ ته رڳو ڪالهوڪي ڏينهن ۾ 24 انساني حياتيون وڃائجي ويون آهن، هزارين مريضن اسپتالن ۾ داخل آهن، ڊيلٽا ويرينٽ به تباهي مچائي ڇڏي آهي، پر ريسٽورنٽس، تفريحي ماڳ، بس اڏا ۽ ٻين سرگرمين وارا هنڌ ايس او پيز جي نالي تي رشوت جو نئون طريقو بڻجي ويا آهن. ٽرانسپورٽ کاتي جي اختيارين کان ويندي، تعليمي ادارن، صنعتي ادارن، روڊ رستن ۽ ٻين هنڌن تي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ مقرر ڪيل پوليس ۽ ٻين کاتن جون ٽيمون ٻنهي هٿن سان مال ميڙي رهيون آهن، پر انهن جي مانيٽرنگ لاءِ ڪنهن به کاتي هن وقت تائين ڌيان ناهي ڏنو. اتي جيڪڏهن شهر ۾ ريسٽورنٽس ۽ ڪاروباري هنڌن جو ئي ذڪر ڪيون ته اتي سنڌ حڪومت پاران تازو ئي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ٽائيم مقرر ڪيو ويو آهي،
جيڪڏهن شام 6 وڳي کان پوءِ ڪو ريسٽورنٽس کوليندو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪو ڪاروباري هنڌ به جيڪڏهن 6 وڳي کان پوءِ کليل رهندو ته ان خلاف سخت قدم کنيو ويندو. پر هاڻي هر ڪاروباري مرڪز ۽ ريسٽورنٽس جتي جتي به دير تائين کليل هجي ٿو انهن کي لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس پاڻمرادو ئي شٽر هيٺ ڪري ڪاروبار جي اجازت ڏئي ٿي، پوليس جي اجازت کان پوءِ ايس او پيز تي عمل وارو سرڪاري نوٽيفڪيشن بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿو.ته پوءِ هاڻي سنڌ حڪومت جي هن تازي مڪمل لاڪڊائون واري فيصلي ۽ اعلان تي عمل ڪيترو ٿي سگهندو اهو هڪ الڳ سوال آهي ڇاڪاڻ ته اڳ ئي سرڪار جي اعلانن تي ڪو مڪمل عمل نه ٿي سگهيو ته هاڻي اهو ڪيئن ممڪن هوندو. ڳالهه رڳو سنڌ سرڪار جي غفلت جي به ناهي، جيڪڏهن ريلوي ذريعي سفر ڪندڙن جو پتو لڳائبو ته اتي به ايس او پيز جون بخيا اڊيڙيا پيا وڃن ، ٽرينن تي سفر ڪندڙن کي ٽڪيٽ ته ايس او پيز جي بنياد تي جاري ڪئي وڃي ٿي، پر ٽرينن اندر جيڪي سيٽون ايس او پيز جو جواز ڄاڻائي خالي ڇڏيون وڃن ٿيون، اهي سيٽون به ريلوي ملازمن ۽ ريلوي پوليس لاءِ ڪمائي جو وڏو ذريعو بڻجي ويون آهن. سماجي وٿيءَ جو ذري برابر به خيال نه ٿو رکيو وڃي.
ڪجهه ڏينهن اڳ عيد جي موقعي تي ڪراچي کان پنهنجن اباڻن ڳوٺن ڏانهن ويندڙ لکين مسافرن ٽرين ذريعي سفر ڪيو، ٽرينن جي ڇتين تي به مسافر ويٺل هئا، اهڙيون ويڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون، پر ڪنهن به عملدار يا ذميوارن خلاف ڪا ڪاروائي اڃان تائين سامهون ناهي آئي! ان ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گھرجي ته ڪورونا کان بچاءُ لاءِ هاڻي نوٽيفڪيشن کان به ڪجهه اڳتي وڌن، واپارين، ٽرانسپورٽرن ۽ هر مڪتبهِ فڪر جي ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي جيئن خطرناڪ وبا کان انساني جانيون بچائي سگھجن.