پي ٽي آءِ طرفان وزيراعظم پاران ڪوٺايل اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان

0
187
پي ٽي آءِ طرفان وزيراعظم پاران

ڪراچي: تحريڪ انصاف 7 فيبروري تي وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪوٺايل اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيندو

پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسان جي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اهڙن ماڻهن سان گڏ ڪيئن ٿا ويهي سگهون، اڄوڪي عدالتي ڪارروائي مان واضح ٿي ويو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي اليڪشن اپريل جي ٻئي هفتي ۾ ٿيندي، پي ٽي آءِ جا سمورا اميدوار اليڪشن جي تياري ڪن

تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اي پي سي ۾ شرڪت بابت پارٽي اندر مشاورت ڪنداسين، مشاورت ان ڳالهه تي ٿيندي ته اي پي سي جي ايجنڊا ڇا آهي، گرفتاريون ڪيون پيون وڃن

هنن جو چوڻ آهي ته  ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، هنن جي هٿن مان شيون ايڏيون نڪري چڪيون آهن جو هاڻي اسان سان رجوع ڪري رهيا آهن، هڪ پاسي ڳالهين جي دعوت پيا ڏين ٻئي پاسي سياسي انتقام پيا وٺن

هي به پڙهندا

عمران خان جو هڪ ٻيو يوٽرن: ننڍي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان

سمورا اختلاف وساري دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

وزيراعظم طرفان 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب، عمران خان کي به شرڪت جي دعوت