راڄوخاناڻي (ن پ ا) بدين ضلعي جي يونين ڪائونسل کڏھرو 23 جا چونڊيل اميدوار چيئرمين خدا بخش راھمون، وائيس چيئرمين نثار احمد رستماڻي، ضلعي ڪائونسل ميمبر محمد بخش گرگيز، جنرل ڪائونسلر سڪندر گرگيز ۽ جنرل ڪائونسلر محمد عظيم لغاري ايم پي اي ھائوس راڄوخاناڻي پھچي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي  الله بخش ٽالپر پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ھي پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ئي ھئا، جيڪي پارٽي پاران کين ٽڪيٽ نه ڏيڻ تي ھنن آزاد حيثيت ۾ اليڪشن ڪئي، اليڪشن بعد ٻيهر پارٽي ۾ واپس آيا آهن.