پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪرائڻ جو اعلان

0
114

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي

فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪرڻ وارو فيصلو هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توهين آهي

هن چيو ته ڪيس جي تاريخ 17 جنوري رکيل هئي، قاعدن جي ابتڙ اڄ تاريخ مقرر ڪري فيصلو ڏنو ويو، هي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جو هڪ ٻيو جانبداريءَ وارو فيصلو آهي

اسد عمر به چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجا ڪم ڪرڻ بدران اسان خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ ۾ رڌل آهي، اسلام آباد ۾ اليڪشن نه ڪرائڻ ئي توهين عدالت آهي