توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس: عمران خان، اسد عمر ۽ فواد جا گرفتاري وارنٽ جاري

0
186

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهيءَ ۾ 4 رڪني بئنچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جون حاضريءَ کان ڇوٽ واريون درخواستون به رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

اليڪشن ڪميشن عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي حاضريءَ کان ڇوٽ وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو