گلستان جوهر اسڪيم 36 مان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

0
134

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ گلستان جوهر اسڪيم 36 مان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گلستان جوهر اسڪيم 36 ايس ٽي ۾ چائنا ڪٽنگ ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي، عدالت طرفان غير قانوني اڏاوتن ۽ قبضا ختم نه ڪرائڻ تي ڪي ڊي اي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

جسٽس اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا پاڪستان مان حڪومت ختم ٿي چُڪي آهي؟ رياست ڪٿي آهي؟ 3 کان 4 هزار ماڻهو بيهندا ته حڪومت پوئتي هٽي ويندي؟

هن چيو ته  اسان کي نام نهاد رپورٽ نه گهرجي، هاڻي تاريخ ٻڌايو ته قبضا ڪڏهن ختم ڪرائيندئو؟

عدالت ڊپٽي ڪمشنر اوڀر ۽ ٻيا عملدار ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتا، ٻڌڻي 9 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي