پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاران 26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو اعلان

0
247
26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو اعلان
پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاران 26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو اعلان

لاهور: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان 26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان گڏ عوام به 26 نومبر تي پنڊي پهچي، آئون اُتي توهان سان ملندس، سگهارين ڌُرين کي چوان ٿو ته توهان وٽ طاقت سان گڏ ذميواري به آهي، عوام نيوٽرل نٿو رهي سگهي، توهان اڄ نيوٽرل ٿيا ته ايندڙ نسل پريشان ٿيندو، توهان کي غلامي مان ڇوٽڪاري لاءِ نڪرڻو پوندو

لانگ مارچ کي وڊيو لنڪ تي خطاب دوران عمران خان چيو ته گهڙي بابت لڳايل الزامن خلاف آمريڪا ۽ برطانيا جي عدالتن ۾ ويندس، افسوس سان چوڻو پئـَي ٿو ته مون کي پاڪستاني عدالتن مان انصاف نه ملندو، هڪ اڳوڻي وزيراعظم تي گند اُڇليو پيو وڃي پر ڪير به پُڇڻ وارو ناهي، اسان جڏهن پنڊي وڃڻ گهريو، تڏهن ڪابه اهم مقرري نه ٿي رهي هئي

ھي به پڙھندا

https://thetimenews.tv/%d8%a2%d8%a1%d9%90-%d8%ac%d9%8a-%d8%a7%d8%b3%d9%84%d8%a7%d9%85-%d8%a2%d8%a8%d8%a7%d8%af-%d9%be%d9%8a-%d9%bd%d9%8a-%d8%a2%d8%a1%d9%90-%d8%ac%d9%8a-%d8%a7%d8%ad%d8%aa%d8%ac%d8%a7%d8%ac-%da%a9%d9%8a/

هٿياربندن فوجن جي سربراهه جي مقرري چيف جسٽس جيان ٿيڻ گهرجي: عمران خان

نئين آرمي چيف جو نالو هڪ ٻن ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو: وفاقي گهرو وزير جي دعويٰ

هڪڙي مقرري سڀني تي ڳري ٿي وئي، غلط فيصلو ڏڦير پيدا ڪري سگهي ٿو: شيخ رشيد