ملير جي قائدآباد واري علائقي ۾ معصوم نينگري زيادتي بعد قتل، اي ايس آءِ ۽ وڏو منشي معطل

0
300
ملير جي قائدآباد واري علائقي ۾ معصوم

ملير (رپورٽر) بيدرديءَ سان قتل ٿيل معصوم نينگري جي ڪيس ۾ 4 شڪي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن

قائد آباد واري علائقي ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل نينگريءَ جي ڪيس ۾ 4 شڪي جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جاچ شروع ڪئي وئي آھي

معصوم نينگريءَ مُنيبا ڪيس ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي قائد آباد ٿاڻي جو اي ايس آءِ ۽ وڏو منشي معطل ٿي ويا

نينگري جي والد موجب منهنجي نياڻيءَ کي گذريل ڏينهن بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش گٽر ۾ اڇلايو ويو

منهنجي نياڻي چاچي جي گهر ويل هئي، جيڪا واپس نه موٽي، گذريل ڏينهن نياڻيءَ جو تشدد ٿيل لاش مليو، واقعي ۾ ملوث جوابدار وائکا ڪيا وڃن

صوبائي وزير شهلا وزير متاثر خاندان وٽ پهتي، واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو

شھلا رضا موجب نينگريءَ تي وڏو تشدد ڪيو ويو آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ويندا

ايس ايس پي عرفان بهادر نينگري قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ٻيهر واقعي واري هنڌ پهتو

ايس ايس پي عرفان بهادر پاران نينگريءَ جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ٻيهر واقعي واري هنڌ جو جائزو

ايس ايس پي ملير موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، 10 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ ورتوآهي

جوابدارن جا جزا وٺي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويندا، ڪيس ۾ غفلت ڪرڻ تي ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، جاچ ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪبي، متاثر خاندان کي انصاف ڏنو ويندو