هڪڙي مقرري سڀني تي ڳري ٿي وئي، غلط فيصلو ڏڦير پيدا ڪري سگهي ٿو: شيخ رشيد

0
260
اسلام آباد جي عدالت شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي
اسلام آباد جي عدالت شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته هڪڙي مقرري سڀني تي ڳري ٿي وئي آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشيد لکيو ته ايندڙ 10 ڏينهن قوم ۽ ملڪ جي قسمت جو فيصلو ڪندا، صحيح فيصلو ملڪ کي صحيح رخ ۾ وٺي ويندو ۽ غلط فيصلو ڏڦيڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿو

شيخ رشيد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته تباهه ٿيل معيشت وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي، هر حڪومت شگر ملز مالڪن مافيا جي اثر هيٺ آهي، اڪثر شگر ملون سياستدانن جون آهن جيڪي وزارتن ۾ به هوندا آهن جنهن جي سزا عوام ۽ هاري ڀوڳيندا آهن

موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ لکيو ته هڪ مقرري سڀني تي ڳري آهي، موجوده حڪومت رڳو پنهنجا ڪيس ختم ڪرايا آهن جيڪي وقت اچڻ تي ٻيهر بحال ٿي ويندا

شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ مهانگائي 30 سيڪڙو وڌي وئي آهي، ماڻهو بجلي ۽ گئس جا بل ادا نٿا ڪري سگهن، عوام پاڻ کي رليف ڏنو آهي، 7 مهينن جي 77 وزيرن واري حڪومت نه عوام وٽ وڃي سگهي ٿي ۽ نه ئي مسئلا حل ڪري سگهي

ھي به پڙھندا

هٿياربندن فوجن جي سربراهه جي مقرري چيف جسٽس جيان ٿيڻ گهرجي: عمران خان

نئين آرمي چيف جو نالو هڪ ٻن ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو: وفاقي گهرو وزير جي دعويٰ