نئين آرمي چيف جو نالو هڪ ٻن ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو: وفاقي گهرو وزير جي دعويٰ

0
235
اسلام آباد: 33 جوابدار فوجي عملدارن حوالي: 6 ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائي سگهجن ٿا:گهرو وزير
اسلام آباد: 33 جوابدار فوجي عملدارن حوالي: 6 ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائي سگهجن ٿا:گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير جي دعويٰ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نئين آرمي چيف جو نالو هڪ ٻن ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو، هاڻي رڳو نالو پيپر تي آڻڻ جو ڪم رهجي ويو آهي، اِن ڳالهه تي اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي ته اهم مقرري جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي

وفاقي گھرو وزير موجب هينئر ڪابه اهڙي ڳالهه نٿو ڪرڻ گهران جو فيصلي کان اڳ افواهه پکڙجي وڃن، منهنجو تجربو آهي ته حساس فيصلن کان اڳ اتفاق راءِ ٿيندو آهي

وفاقي گهرو وزير جي دعويٰ راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو آهي ته مشاورت جو مطلب ڪنهن کي اختيار ڏيڻ ناهي هوندو، وزيراعظم ڪنهن سان به مشورو ڪري سگهي ٿو، حتمي فيصلي جو اختيار وزيراعظم وٽ ئي آهي، منهنجي خيال ۾ اهم مقرري تي گهڻي دير مناسب ناهي

وفاقي گھرو وزير موجب اسان پي ٽي آءِ وارن سان ته ڳالهايون، پر عمران خان اُنهن جي به ڳالهه نٿو مڃي، شاهه محمود قريشي هڪ دفعي چيو ته هي چريو اسان جي ڳالهه ئي نٿو ٻُـڌَي، پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري سان ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، لانگ مارچ ٻيو ڪٿي به نه، رڳو ميڊيا تي نظر اچي رهيو آهي

نئين آرمي چيف جو نالو سومر يا اڱاري تي فائنل ٿي ويندو: خواجا آصفاسان جو آرمي چيف لاءِ

وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته نئين آرمي چيف جو نالو سومر يا اڱاري تي فائنل ٿي ويندو، جيڪي به نالا ايندا انهن مان ڪنهن هڪ تي اتفاق راءِ سان فيصلو ٿيندو، اختيار وزيراعظم جو آهي پر مقرري جو فيصلو مشاورت سان ٿيندو

خواجا آصف موجب بچاءَ واري وزارت طرفان اماڻيل سمري تي وزيراعظم آرمي چيف جي مقرري ڪندو آهي، مقرري تي ڪي به اختلاف ناهن، پنجن سينيئر جنرلز مان ڪنهن هڪ کي آرمي چيف بڻايو ويندو، عمران خان جي خواهش ضرور ٿي سگهي ته پر فيصلو اتفاق راءِ سان ٿيندو

وزيراعظم شهباز شريف ڪاميابي سان معاملن کي اڳتي کڻي هلي پيو، عمران خان آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران خان 6 جنرلز تي بي بنياد الزام رڳو انڪري لڳائي پيو ته هُو سندس ناجائز مقصدن ۾ استعمال نه ٿيا

ھي به پڙھندا

هٿياربندن فوجن جي سربراهه جي مقرري چيف جسٽس جيان ٿيڻ گهرجي: عمران خان

سمورا ٿري اسٽار جنرل برابر ۽ فوج جي قيادت ڪرڻ جي اهل آهن: آصف زرداري