عمران خان جي لانگ مارچ جو مقصد آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻائڻ آهي: بلاول ڀٽو زرداري

0
217

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي آخري مايوس ڪندڙ ڪوشش آهي ته اداران کي آئيني ڪردار کان روڪي، سندس مقصد غيرجهموري راند کيڏڻ آهي، پهرين جيان هاڻي به عمران خان جي سازش کي ناڪام بڻايو ويندو

پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لانگ مارچ جو مقصد آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻائڻ آهي، عمران خان پنهنجي سياست کي اهم مقرري سان ڳنڍي رهيو آهي، عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ سان سڄي ملڪ کي نقصان ٿيو، وزيراعظم جنهن کي به آرمي چيف مقرر ڪندو، اسان ساڻس گڏ هونداسين، عمران خان جي مارچ جو مقصد حقيقي آزادي آهي ته پنڊي جي ڇو چونڊ ڪئي؟

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاران 26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو اعلان

آءِ جي اسلام آباد پي ٽي آءِ جي احتجاج کي مشروط سيڪيورٽي ڏيڻ جي لاءِ تيار

هڪڙي مقرري سڀني تي ڳري ٿي وئي، غلط فيصلو ڏڦير پيدا ڪري سگهي ٿو: شيخ رشيد

نئين آرمي چيف جو نالو هڪ ٻن ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو: وفاقي گهرو وزير جي دعويٰ