اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گرفتاري لاءِ گهرن تي ڇاپا هڻڻ خلاف پي ٽي آءِ جو سينيٽ سخت احتجاج، واڪ آئوٽ، سينيٽ جو اجلاس ڪالهه سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم احتجاج ڪندي چيو ته رات پوليس رياستي دهشتگردي ڪئي، چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو، اسان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گهرن ۾ پوليس داخل ٿي، 12 سالن جي ڇوڪريءَ ۾ به هٿ وڌا ويا، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙ ڪٿي آهن؟، سينيٽر وليد اقبال جي گهر تي چڙهائي ڪئي وئي، علامه اقبال جي ننهن پڇي رهي آهي ته انهن جا انساني حق ڇو پائمال ڪيا ويا آهن اسان جو پرامن احتجاج آهي، هي والاريل ڪشمير ناهي، ياسمين راشد ڪينسر جي مريض آهي اها روڊ تي ويٺي آهي، اسان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن خلاف واڪ آئوٽ ڪيون ٿا، اهو چئي پي ٽي آءِ جا سينيٽ واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، سينيٽ چيئرمين پي ٽي آءِ جي سينيٽرن کي پرچائي وٺي اچڻ جي حڪومت کي هدايت ڪئي پر حڪومت مان ڪنهن به پرچائي وٺڻ لاءِ وڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته  باپ جو دنيش ڪمار انهن ڏي وڃي کين پرچائي وٺي اچي، جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ جا ميمبر واپس اچي ويا، قانون جي وزير ۽ قائد ايوان اعظم نذير تارڙ چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اپوزيشن جا اڳواڻ گرفتار ٿيندا هئا تڏهن هنن جو ضمير ڪٿي ستل هو؟، رانا ثناءُ الله تي 15 ڪلو هيروئن جو ڪيس داخل ڪيو ويو، مريم نواز کي بي ڪلاس جي سهولت به نه ڏني وئي، شهباز شريف، علي وزير، خواجه سعد رفيق، شاهد خاقان عباسي جڏهن گرفتار ٿيا تڏهن انهن جو آواز ڪاڏي هليو ويو هو؟ هن چيو ته ڪنهن گروهه کي اسلام آباد تي چڙهائي جي اجازت نه ڏني ويندي، هي ڪي پي ڪي صوبي مان ماڻهن کي هٿيارن سان گڏ چڙهائي لاءِ وٺي اچي رهيا آهن ان جي مذمت ڪيون ٿا، يوسف رضا  گيلاني چيو ته ڇا نواز شريف، شهباز شريف، آصف زرداري، مريم نواز کي گرفتار نه ڪيو ويو هو، قبرون کوٽڻ، ڪپڙا سڪائڻ ۽ ميوزيڪل نائيٽ جي اجازت نه ڏينداسين، هي ڊڪٽيشن نه ٿا ڏئي سگهن ته چونڊون ڪڏهن ڪرائجن، آخري بال تائين کيڏڻ جون ڳالهيون ڪندڙ وڪٽون کڻي ڀڄي ويو، هن آمريڪا جي ڊپٽي سيڪريٽري کان به استعيفا جو مطالبو ڪيو آهي ڪٿي آمريڪي صدر کان به استعيفا جو مطالبو نه ڪري، ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير فيصل سبزواري چيو ته وزيراعظم کي درخواست ڪيان ٿو ته عورتن جو احترام ڪيو وڃي،  حماد اظهر گهر ۾ لڪي ويٺو آهي، ياسمين راشد روڊ تي بيٺي آهي، ڪنهن کي گمشدگي ڏسڻي آهي ته اسان سان هلي اسان جا ڪارڪن لاپتا آهن،  نثار کهڙي پي ٽي آءِ ميمبرن لاءِ چيو ته هنن قومي اسيمبلي مان استعيفا ڏني آهي، هتي ويٺل آهن ته پوءِ هي قومي اسيمبلي ۾ واپس اچن اتي تنقيد ڪن،هي تڪبر ۽ غرور ۾ آهن، ڪو به صدارتي نظام نه ٿو اچي سگهي، ارڙهين ترميم کان پوءِ جيڪو به وزيراعظم اچي ٿو ان کي صوبائي خودمختياري سٺي نه ٿي لڳي.