اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جو مارچ روڪڻ ۽ امڪاني گرفتارين خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي وئي جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر طرفان داخل درخواست ۾موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مارچ کي روڪڻ لاءِ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن، عدالت نوٽيس جاري ڪري گرفتارين ۽ هيسائڻ کان روڪي، اُن کان اڳ پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو هو ته رڳو خدشن جي بنياد تي حڪم جاري نٿا ڪري سگهجن، اسلام آباد ۾ حساس عمارتون آهن، تنهن ڪري بلينڪ آرڊر نٿو ڏئي سگهجي، ڌرڻن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن کي اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.