لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جي رهيل ميچن جو شيڊول تيار ٿي ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب پي ايس ايل جي باقي ميچن جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته رانديگرن کي ميچن کان پهريان 7 ڏينهن جو قرنطينه مڪمل ڪرڻو پوندو ، 22 مئي کان 28 مئي تائين رانديگرن کي قرنطينه ۾ رهڻو آهي ۽ پوءِ ٽن ڏينهن جي تربيت بعد ميچون پهرين جون کان شروع ٿينديون. ذريعن موجب ، پي سي بي بايوسيڪيورببل لاءِ پرڏيهي تجربو رکندڙ ڪمپني جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل ۾ اڪثر ميچون سنگل هيڊر هونديون ۽ پهرين ميچ لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ ٿيندي ، ميچ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي ۽ آخري ميچ 20 جون تي کيڏي ويندي.