ڪراچي: ٻيراڻي واسي نوجوان دليپ ڪمار لوھاڻو ڪراچي مان پراسرار نموني گم ٿيڻ بعد 24 ڪلاڪن کانپوءِ زخمي هالت ۾ بازياب ٿي ويو آهي. دليپ ڪمار جي والد جو چوڻ هو ته سندس پٽ کي رڪشا وارن پٺاڻ ڊرائيورن ڦرلٽ ۽ تشدد بعد آزاد ڪيو. ان کان اڳ دليپ ڪمار جي والد صوفي رام جو چوڻ هو ته سندس پٽ دوست سان ملڻ جو چئي نڪتو بعد ۾ سندس موبائيل بند ٿي ويو، هنن پوليس کي به اطلاع ڪيو هو.