پي ايس ايل فائنل کان اڳ پشاور کي وڏو جھٽڪو، حيدر علي ۽ عميد آصف معطل

0
443

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ڇھين ايڊيشن جي فائنل کان اڳ پشاور زلمي کي وڏو جھٽڪو لڳو آھي ۽ پي سي بي بائيو سيڪيورببل جي ڀڃڪڙي تي ٻن رانديگرن کي معطل ڪيو آھي، پي سي بي پاران جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آھي تھ پشاور زلمي جي حيدر علي ۽ عميد آصف کي بائيو سيڪيور پروٽوڪولز جي ڀڃڪڙي تي معطل ڪيو ويو آھي، پي سي بي موجب ٻنھي رانديگرن کي پي ايس ايل جي فائنل ۾ شرڪت جي اجازت نھ ھوندي، جڏھن تھ حيدر علي انگلينڊ جي دوري ۽ ويسٽ انڊيز جي دوري کان بھ ٻاھر ٿي ويو آھي، پي سي بي پاران چيو ويو آھي تھ رانديگرن بائيو سيڪيورببل کان ٻاھر ماڻھن سان ملاقات ڪئي، ٻنھي خلاف ايڪشن ورتو ويو آھي.