پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ شهر جي مختلف علائقن جنرل بس اسٽاپ، اناج منڊي محلا، ڪچي آبادي، ڪلري محلا، ٿاڻو محلا سميت ٻين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، برسات جو پاڻي گھرن ۽ رستن تي بيٺل آهي، شھرين جو چوڻ آهي ته برسات جو پاڻي گهرن ۾ بيھجي ويو آهي، جڏهن ته روڊن رستن تان به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري وڏي عذاب اچي ويا آهيون نوٽيس وٺي جلد کان جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.