دادو (رپورٽر ) دادو شهر جي ڊي سي سيڪريٽريٽ ڀرسان شهباز ڪالوني جي مين گٽر نالي تي قبضا ٿيڻ سبب گٽر ۽ ناليون اٿلڻ ڪري ڊرينيج جو گندو پاڻي روڊن ، رستن ، گهٽين ۾ بيهڻ خلاف ذڪريا جمالي، آفاق لغاري، مشتاق ڪولاچي ۽ سرفراز سھارڻ جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ رهواسين پاران ميونسپل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بس اسٽاپ وٽ ريلوي ڦاٽڪ وٽ انڊس هاء وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب سوين گاڏيون گاڏيون بيهي ويون ، مظاهرين ميونسپل انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا ، مظاهرين دانهيو آهي ته شهباز ڪالوني جي مين گٽر نالي تي بااثر ماڻهن پاران قبضا ڪرڻ سبب هڪ سال کان مين نالي جي صفائي نه ٿيڻ ڪري مين نالو ، گٽر ۽ ناليون اٿلڻ سبب گندو پاڻي روڊن ، رستن ۽ گهٽين ۾ بيهڻ سبب کين گهرن مان نڪرڻ ۾ شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ، گندو پاڻي بيٺل هئڻ سبب بدبوء پکڙجڻ سان گڏ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ، ميونسپل آفيس ۾ ميونسپل جي سي ايم او آڏو شڪايتون ڪرڻ باوجود نالي جي صفائي نه ٿي ڪرائي وڃي مجبور ٿي روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو آهي ، مظاهرين سان بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او ڳالهيون ڪري نالي جي صفائي ڪرائڻ جي خاطري کانپوء ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي.