راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور ۾ هوا سان گڏ طوفاني برسات سبب سائن بورڊ ڪري پيا، برسات سبب شاهي بازار مرشد بازار ريشم گلي عيسو لاکو روڊ تان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو بجلي جو ڪاروهنوار پڻ بند هجڻ سبب پبلڪ هيلٿ جا کوھ نه هلي سگهيا جنهن سبب پاڻي قبرستان ۾ پڻ بيهجي ويو، شھرين الطاف عباسي، گل محمد امتياز ٻڌايو ته شھر جي مک بازار شاهي بازار آھي جنهن ۾ پاڻي بيهجي ويو آھي پبلڪ هيلٿ انتظاميا ڊرينيج جا کوھ نه هلائڻ ڪري پاڻي بيٺل آھي پاڻي نيڪال ڪري ڏنو ويو آھي جيئن اسان روزگار ڪري سگهون ھوڏانهن پبلڪ هيلٿ جي ايس ڊي او ٻڌايو ته بجلي نه هجڻ سبب گندي پاڻي جا کوھ نه هلي سگهيا آھن ڊيزل انجڻ وارا جنريٽر هلايا آھن جلد پاڻي نيڪال ڪيو ويندو.