ڀٽ شاه (ن پ ا) دنيا جي عظيم بزرگ هستي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شهر ڀٽ شاهه جو تاريخي ۽ وڏي ۾ وڏو قبرستان يعقوب فقير شهيد ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب گندگي جي ور چڙهي ويو آهي ۽ گندو پاڻي به داخل ٿي رهيو آهي، اڪثر ڪري علائقي واسين پاران ڪچرو به قبرستان ۾ ڇڏيو وڃي ٿو ۽ قبرستان جي ڪجهه حصي تي قبضو به ڪيو ويو آهي، يعقوب فقير شهيد قبرستان ڀٽ شاهه جو وڏي ۾ وڏو قبرستان آهي جيڪو درجنين ايڪڙن تي مشتمل آهي تاريخي قبرستان جي چوديواري به ختم ٿيڻ لڳي آهي،ڀٽ شاهه جي ميلا گرائونڊ ڀرسان قائم هن تاريخي قبرستان ۾ ڀٽائي جي نالي واري راڳي ’يعقوب فقير شهيد ‘جي مزار سميت ٻين به ڪيترن ئي فقيرن ۽ شهر جي لطيف ڪالوني، ٻگهيا محلي، پير محلي سميت ٻين علائقن جي شخصيتن جون قبرون پڻ موجود آهن پر شهرين جي مسلسل شڪايتن ۽ احتجاجن باوجود انتظاميا جي عدم دلچسپي ۽ بي حسي سبب قبرستان ۾ مئل جانور به اڇلايا وڃن ٿا. ڀٽ شاهه جي شهرين توڙي ساڃاهه وند ڌرين جو چوڻ آهي تـ تاريخي قبرستان جي سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري قبرن جي بي حرمتي ٿيڻ لڳي آهي، شهرين ۽ سڃاڻ ڌرين سيد عمران شاه ، غلام علي چوهاڻ ، شاهد شيدي ، ذوالفقار علي سومرو ، ايم جمن چوهاڻ ، اظهر علي مڱريو ، گل حسن راجپوت ، شاڪر احمد ، منير احمد ، عطامحمد شاهاڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته تاريخي قبرستان اندر وڻ وڌي ٻيلي ۽ جهنگ جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن جنهن ڪري قبرستان ۾ شهرين کي پنهنجي پيارن جي تدفين ڪرڻ توڙي اتي وڃي پنهنجن پيارن تي دعا گهرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. ٻئي پاسي شهر جي منشيات واپرائيندڙ موالي طبقي به قبرستان جو رخ ڪيو آهي جيڪي قبرستان ۾ ويهي منشيات واپرائڻ لڳا آهن قبرستان ۾ گندو پاڻي بـ داخل ٿي رهيو آهي شڪايتن باوجود علائقي جي چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي. هنن چيو ته دنيا جي عظيم بزرگ هستي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شهر ڀٽ شاهه جي هن تاريخي قبرستان يعقوب فقير شهيد جي مالڪي ڪري ٻاهريان چئوديواري مڪمل ڏياري لائيٽنگ جو انتظام بـ ڪيووڃي ۽ صفائي سٿرائي جي عمل کي يقيني بڻائي قبرستان کي وڌيڪ بي حرمتي کان بچايو وڃي.