ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گيسٽرو وڌيڪ چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسپتالن ۾سوين مريضن کي آندو ويو آهي، جتي وارث سهولتون نه هئڻ جون دانهون ڪري رهيا آهن، ان ڏس ۾ پيرجوڳوٺ جي ڳوٺ فتح علي چانڊيو ۾ نوجوان ناري صديقان چانڊيو گيسٽرو وگهي  فوت ٿي وئي،جڏهن ته 24 ڪلاڪن اندر 150 وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. فيض گنج  ويجهو  ڳوٺ قبول راڄپر ۾گيسٽرو وگهي شاهنواز ولد غلام شبير راڄپر فوت  ٿي ويو، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا مرض ۾ مبتلا آهن. قاضي احمد ويجهو ڳوٺ سعيد خان چنا ۾ 15 مهينن جو ثاقب چنا گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو وبا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،رتوديرو لڳ ڳوٺ ٿنگو خان بوزدار جي رھواسي مولابخش بوزدار جي چئن ورھين جي نياڻي پوپري گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، پورهيت الزام لڳايو ته اسپتال ۾ علاج جي ڪابه سھولت ناھي، ڊيوٽي ڊاڪٽر اياز چانڊيو ٻڌايو ته وارث اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت ٿي چڪي هئي، 300 مريض اسپتال اچن ٿا.خيرپور ۾ 24 ڪلاڪن اندر  گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ 115 ٻارڙا سٽي اسپتال داخل ڪيا ويا آهن، اسپتال ۾  بيڊن جي شديد کوٽ برقرار آهي. ڀرياسٽي ۽ آسپاس گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، ڳوٺ جمع ڪلھوڙو ۾ 25 کان وڌيڪ ٻارڙا، مرد ۽ عورتون گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، جن ۾ غلام رسول ڪلھوڙو، خدابخش، حميد ڪلھوڙو، شھزادو ڪلھوڙو، ناديا، شھزادي، سڀاڳو ڪلھوڙو ۽ ٻيا شامل آھن،قمبر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان گيسٽرو ۾ مبتلا 10ڄڻن 16 سال جي رضيه خاتون، 10 سال جي ثمينه، 2 سال جي محمد پريل، 14 سال جي حفيظه، 6 سال جي محمد صفر، 3 سال جي بابر،  ڏيڍ سال جي فريده ۽ ٻين  کي علاج لاءِ قمبر اسپتال آندو ويو. پيرولاشاري ۾ مليريا، ڊائريا، ۽ گيسٽرو وبائي اختيار ڪري وئي آهي. ڳوٺ ميون ملوڪ، رپ شريف، مٺو خان گوپانگ، ڇتو جوڻيجو، خير محمد چانڊيو، مهر علي شاهه ۽ ٻين 30 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ برسات پوڻ ڪري مڇرن ۽ مکين جو آزار وڌي ويو جنھن ڪري مختلف بيمارين مليريا، ڊائريا، ۽ گيسٽرو جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو، صحت مرڪز رپ شريف ۾ مليريا جا 50 کان وڌيڪ ڪيس ۽ گيسٽرو، ڊائريا جا 90 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته خطرناڪ فيلسي پيرم مليريا جا به 5 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، مريضن ۾ اسراء، عبدالله، مرتضا، نروار، حنا محبوب، روشني، خالد، نازيہ، فياض، واحد، سمير ۽ ٻيا ڪيترائي مريض شامل آهن.دڙو ۽ آسپاس جي علائقن ۾ هلندڙ برسات ۽ گٽرن جي پاڻي بيهڻ ۽ نيڪال نه ٿيڻ ڪري گيسٽرو مليريا ۽ چمڙي جي بيماري وبائي صورتحال اختيار ڪري وئي آهي. رورل هيلٿ سينٽر دڙو جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالخالق ميمڻ,ڊاڪٽر محبوب سومرو, ڊاڪٽر ارباب منير ميمڻ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته دڙو ۽ آسپاس جي 35هزار کان مٿي انساني آبادي رکندڙ هن اسپتال ۾ روزانو 6سؤ کان وڌيڪ رڳو گيسٽرو مليريا ۽ چمڙي جا مريض اچن ٿا.نوابشاهه ۾ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي ھيلٿ اينڊ سائيسنز فار وومين جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروفيسر گلشن ميمڻ، ايم ايس ڊاڪٽر شفيق غوري، ٻارڙن جي اسپتال جي سربراهه پروفيسر علي اڪبر سيال، ڊاڪٽر علي رضا بروهي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسپتال ۾ روزانو گيسٽرو جا 50 کان 80 ٻار اچن ٿا، ھڪ اسپيشل يونٽ قائم ڪيو ويو آھي، جڏھن ته موبائل وين پڻ شروع ڪئي وئي آھي، جيڪا دورانھن علائقن ۾ وڃي ٻارن جو علاج ڪندي،جيڪب آباد جي مختلف علائقن مان 50 کان مٿي گيسٽرو مرض ۾ مبتلا مريضن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.دلاور پيچوهو، مير حسن ميرالي، يونس سولنگي، نصيب الله، ظفر الله ميرالي، حفيظ، عزيزان، ظهران خاتون، ثناءُ الله ۽ ٻين کي طبي امداد ڏني وئي.سول اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر موجب ته 100 کان مٿي روزانو جي بنيادن تي گيسٽرو جا مريضن کي وارث اسپتال پهچائي رهيا آهن.نئون ڪوٽ ۾ هڪ ڏينهن دوران  وڌيڪ 53 گيسٽرو جي مريضن کي اسپتال آندو ويو،