لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي الهه آباد ٿاڻي جي حد ۾ بابر جتوئي 22 ورهين جي پنهنجي زال آمنا عرف ڀاڳل جتوئي کي ڪارنهن تهمت ڏئي شيخن ۽ ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل گڏ ڪري لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو.  ان سلسلي ۾ الھ آباد پوليس  رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته  الھ آباد محلي جي رهواسي بابر جتوئي پنهنجي زال 22 ورهين جي آمنا عرف ڀاڳل جتوئي کي گهر اندر ڇرين ۽ شيخن جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو اطلاع ملڻ تي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو آھي واقعي جاچ مختلف رخن کان  ڪئي پئي وڃي جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته عورت آمنا عرف ڀاڳل جتوئي ڪجھ عرصو اڳ پنهنجي مڙس بابر جتوئي کان ناراض ٿي پنهنجي ماء پي وٽ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ يار محمد جتوئي ۽ رهندي هئي جنهن کي اڄ مڙس پرچائي واپس وٺي آيو جنهن کي الھ آباد محلي ۾ ڪارنهن الزام ڏئي  قتل ڪري ڇڏيو آهي.