پنگريو (ن پ ا) پنگريو ۾ راشن جي ورڇ بند ڪرڻ تان ڇڪتاڻ ٿي وئي، ان دوران پوليس ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ چڪريون به ٿيون، پوليس هوائي فائرنگ ڪري ڏني. ان ڏس ۾  انتظاميا شادي ھال تي قائم رليف ڪئمپ ۾ راشن ورھائڻ جو عمل شروع ڪيو، پوليس ۽ متاثرين ۾ انھي وقت ڇڪتاڻ شروع ٿي جڏھن سامان راشن جي 7ٽرڪن مان 2ٽرڪون راشن جي ورھاست اوچتو بند ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته لسٽون ٺاھڻ بعد سامان ورھائينداسين. ايتري ۾ رينجرس سامان سان ڀريل 5ٽرڪون واپس کڻي وڃڻ لڳي ته راشن جي انتظار ۾ بيٺل ھزارين  ماڻھون راشن جي ٽرڪن تي ڪڙڪي پيا ۽ ھڪ ٽرڪ سندن ور چڙھي وئي. باقي 4راشن سان ڀريل ٽرڪون رينجرس واپس کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ھوڏانھن پوليس ماڻھن جي ھٿ چڙھيل ٽرڪ جي سامان کي بچائڻ لاء ھوائي فائرنگ شروع ڪري ڏني ته جواب ۾ ماڻھن پوليس تي پٿراء شروع ڪري ڏنو. ڇڪتاڻ ۾ 2 پوليس عملدار  اسامان آرئين ۽  اعجاز چانڊيو زخمي ٿي پيا جن کي پنگريو صحت مرڪز آندو ويو ڪجھ عورتون به زخمي ٻڌايون پيون وڃن. ھوڏانھن پنگريو پوليس واقع جي ڪيس داخل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آھن.