پنگريو (اسپورٽس نيوز) پنگريو ڀرسان پير قائم محمد شاهه قريشي جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ جي ثقافتي راند ٻيلھاڙو جا مقابلا ٿيا جنھن ۾ ٻيلھاڙو راند جي پھلوانن ربو شيدي پنھنجي مخالف عبدالله خاصخيلي کي رجب شيدي پنھنجي مخالف رجب پنھور کي گڏي ملاح پنھنجي مخالف محبوب شيدي  کي ديدار ملاح پنھنجي مخالف  وزير احمداڻي کي  رضوان آرائين  پنھنجي مخالف لالو وھنداڻي کي  ۽ ممتاز چانڊيو پنھنجي مخالف اسدالله کوسي ۽ گلزار خاصخيلي کي “جھل” ۽ “ڇنڊ” ڪري مقابلا کٽي ورتا انھي موقعي تي گادي نشين پير صلاح الدين شاهه، معشوق شاهه، تاج محمد شاهه ۽ ٻين ڪامياب پھلوانن کي انعام پڻ ڏنا.