دوحا(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي پري ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ انگلينڊ سينيگال کي 3-0 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. ابليت اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پري ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ انگلينڊ سينيگال کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. انگلينڊ حريف ٽيم مٿان ميچ جي شروعات کان ئي ذهني دٻاءُ وجهي رکيو ۽ موقعو ملندي ئي انگلينڊ طرفان جارڊن 38 هين منٽ ۾ سينيگال خلاف پهريون گول ڪري ورتو، جڏهن ته 45 هين منٽ ۾ هنري ڪين بال گول جي ڄار ۾ اڇلائي ٽيم لاءِ ٻيو گول ڪيو ۽ انگلينڊ جي برتري کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. انگلينڊ جي ساڪا 58 هين منٽ ۾ ٽيون گول ڪري ٽيم جي ڪاميابي يقيني بڻائي، جنهن کانپوءِ ٽيم ميچ جي پڄاڻيءَ تائين برتري برقرار رکي. 90 هين منٽ دوران سينيگال طرفان بارها بال کي ڄار ۾ اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مخالف ٽيم بهترين راند جو مظاهرو ڪندي گول ٿيڻ کان بچائي ورتو.  انگلينڊ پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ سينيگال کي 3-0 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.